نيويارڪ (ويب ڊيسڪ)اقوامِ متحده ۾ پاڪستان جي مستقل مندوب عاصم افتخار احمد جو چوڻ آهي ته غزه اڃا تائين سنگين انساني بحران جو شڪار آهي. سلامتي ڪائونسل جي هنگامي اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو آهي ته جنگ بندي جي خلاف ورزين جي ڪري شهري آبادي ڏکيائين ۾ آهي. عاصم افتخار احمد جو چوڻ آهي ته غزه ۾ لکن جي تعداد ۾ ماڻهو بک ۽ غذائي اڻاٺ (عدم تحفظ) جو شڪار آهن، 10 لک کان وڌيڪ ٻار غذائي کوٽ ۽ صحت توڙي تعليم کان محروم آهن.هن مطالبو ڪيو آهي ته امداد جي پهچ ۾ رڪاوٽون بين الاقوامي قانون جي خلاف ورزي آهن، رفح سميت سڀني سرحدي لنگهن (گزرگاهن) کي کوليو وڃي. اقوامِ متحده ۾ پاڪستان جي مستقل مندوب جو چوڻ آهي ته اولهندي ڪناري (مغربي ڪناري) ۾ غير قانوني آبادڪاريءَ جي واڌ تي سخت ڳڻتي آهي.










