غزه: اسرائيلي فوج جو اسپتال تي حملو، 7 فلسطيني شهيد

غزه: اسرائيلي فوج جو اسپتال تي حملو، 7 فلسطيني شهيد

غزه (ويب ڊيسڪ)اسرائيلي فوج غزه ۾ الاهلي اسپتال تي حملو ڪيو، جنهن ۾ 7 فلسطيني مارجي ويا.عرب ميڊيا موجب، اسرائيلي فوج غزه جي اترئين حصي ۾ پيش قدمي شروع ڪري ڇڏي آهي، جنهن جي ڪري 10 لک کان وڌيڪ ماڻهو ڏکڻ علائقن ڏانهن منتقل ٿي ويا آهن.فلسطيني وزارت صحت چيو آهي ته اسرائيل پاران لاڳو ڪيل خوراڪ جي کوٽ سبب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 11 وڌيڪ فلسطيني بک سبب فوت ٿي ويا آهن، جنهن کان پوءِ بک سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 251 تائين پهچي ويو آهي، جن ۾ 108 معصوم ٻار به شامل آهن.آڪٽوبر 2023 ۾ شروع ٿيندڙ هن جنگ ۾ هاڻي تائين 61 هزار فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، جڏهن ته زخمين جو انگ 150 هزار کان وڌي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو