غريب شاعرجي ٻڪري وڏيرو ڪهي کائي ويو، گهر ڀاتين جي تذليل

سکر(امداد ڪلوڙ)  غلطي سان باغ ۾ ٻڪري گهڙڻ سبب وڏيرو، شاعر ۽ سماجي ڪارڪن تي ڪاوڙجي پيو، سندس گهر ڀاتين جي تذليل ڪندي مارڪٽ ڪئي. وڏيرو ٻڪري به ڪهي کائي ويو ۽ ڌمڪيون ٿو ڏي ته چپ رهو نه ته گرفتار ڪرائيندس. اها ڳالهه متاثر پورهيت، شاعر ۽ سماجي ڪارڪن وفا حيدر علي ڀٽي سکر پري ڪلب آڏو احتجاج ڪندي صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌائي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ڪالهه شام سيد رضوان علي شاھ جي خالي باغ ۾ اسان جي هڪ ٻڪري وئي جنهن کي شاھ جا ڇاڙتا بنگلي تي ڪاهي ويا. شاهه جي واٺن منهنجي گهر ڀاتين تي تشدد ڪري ڳوٺ مان لڏڻ لاءِ دٻاءُ پيا وجهن. هن ايڊيشنل آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر کي اپيل ڪئي ته مونکي ۽ منهنجي گهروارن کي تحفظ ڏنو وڃي ۽ اسان غريبن جي ٻڪري واپس ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو