غربت ۽ بيروزگاري سبب 4 ٻاررن جي پيءُ خودڪشي ڪري ڇڏي

غربت ۽ بيروزگاري سبب 4 ٻاررن جي پيءُ خودڪشي ڪري ڇڏي

ٽنڊو غلام حيدر ( ن س) ٽنڊو غلام حيدر ڀرسان غربت بک ۽ بيروزگاري سبب 4 ٻارڙن جي پي 40 ورهين جي پورهيت مسڪين ڀورو ڪولهي مبينا طور گهر اندر ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو وارثن موجب فوتي جي زال ڪافي وقت کان بيمار رهندي آهي جنهن جي علاج ڪرائڻ لاء ھو سخت پريشان هو جنهن سبب مجبورن کيس انتهائي قدم کڻي خودڪشي ڪرڻي پئي واقعي جواطلاع حد جي پوليس کي ڏنو ويو جنهن بعد ضروري ڪاروائي ٿيڻ کانپوء لاش وارثن حوالي ڪيو ويو پورهيت ڀورو ڪولهي جو لاش گهر پهچندي ڪهرام مچي ويو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو