غربت کان گُڊ وِل ايمبيسڊر، يامال جي معجزي مثل زندگي

غربت کان گُڊ وِل ايمبيسڊر، يامال جي معجزي مثل زندگي

ڪراچي (ايڊيٽر ڊيسڪ)لامين يامال انتهائي غربت واري زندگي ۾ اک کوليندڙ ٻار هو پر هن جي فٽبال سان جنون جي حد تائين محبت کيس فٽبال جي دنيا جو وڏو اسٽار بڻائي ڇڏيو. سندس زندگي سڀني لاءِ هڪ سبق آهي ته محبت، جنون ۽ محنت هر شئي تي حاوي آهي. مايوسي بدران لڳاتار جدوجهد سان منزل ماڻڻ ممڪن آهي. هو جڏهن پنج مهينن جو هو ته سندس والده يونيسيف جي هڪ خيراتي پروگرام ۾ يامال جو نالو قرعه اندازي لاءِ موڪليو هو. يونيسيف وارن چيو هو ته هو غريب ٻارن جا نالا ڪڻي ۾ شامل ڪندا ۽ جنهن ٻار جو نالو نڪرندو، ڊسمبر 2007 ۾ ليونل ميسي ان ٻار کي وهنجاريندو. اهو معجزو آهي ته ڪڻي ۾ پنجن مهينن جي غريب ٻار لامين يامال جو نالو نڪتو ۽ ميسي هنکي هنج تي کنيو ۽ ٽب ۾ وهنجاريو هو. اهو ساڳيو يامال اڄ فٽبال جي دنيا جو وڏو نالو ٿي اڀريو ۽ فائينل ۾ ميسي جي ارجنٽينا کي شڪست ڏئي عالمي چيمپئن بڻيو. يامال جا والدين غريب هئا ۽ لامين ۽ يامال نالي سندن دوست هنن جي مالي مدد ڪندا هئا. جڏهن کين پٽ ڄائو ته سندس والدين پنهنجي مددگارن جي نالي پٺيان پٽ جو نالو رکي سندن احسان لاهڻ جي ڪوشش ڪئي. ان مان اهو سبق به ملي ٿو ته پنهنجي همدردن ۽ مددگارن کي وسارڻ نه گهرجي. يامال جڏهن ٽن سالن جو هو ته سندس والدين ۾ علحدگي ٿي وئي، جيتوڻيڪ يامال ماءُ ۽ والد سان ملڻ وٽن ايندو هو پر ان جي پرورش سندس ناني فاطمه ڪئي. هوءَ وڏي عمر جي هوندي به هلڪيون ڦلڪيون نوڪريون ڪري پنهنجي معصوم ڏوهٽي کي پاليو، اڳتي آندو ۽دنيا جو مشهور فٽبالر ٺاهيو. يامال هن وقت يونيسيف جو ٻارن جي راندين بابت گڊ ول ايمبيسڊر آهي. 6 فٽ قد واري هن رانديگر بابت ميسي ميچ کان اڳ چيو هو ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته يامال دنيا جي چند بهترين رانديگرن مان هڪ آهي، هن جو وڏو ڪيريئر پيو آهي، مان هن جي ڪاميابي لاءِ دعاڳو آهيان پر مان هنکي فائينل ميچ کٽڻ نه ڏيندس. پنهنجي ڪيريئر جي پڄاڻي تي پهتل 39 سالن جو ميسي جڏهن ميچ هارائي ۽ اکين ۾ ڳوڙها اچي ويس ته اهو يامال ئي هو جنهن سندس ڪلهي تي هٿ رکي ڀاڪر پائي آٿت ڏئي هڪ ٻيو معجزو ڪري ڏيکاريو. ڇو ته فائينل ميچ ۾ ارجنٽينا جي رانديگرن جي هڪ وڏي حڪمت عملي يامال کي قابو ڪرڻ جي هئي ۽ ڪيترائي ڀيرا کيس ڪيرايو ويو پر ريفري نوٽيس نه ورتو. مصر جي ميچ کان وٺي ميسي جي ٽيم تي ريفري مهربان هئا. فائينل ۾ ارجنٽينا جي 4 پليئرز کي مليل پيلو ڪارڊ ۽ هڪ کي ريڊ ڪارڊ ان ڳالهه جي علامت آهي ته ارجنٽينا پنهنجي فيئر گيم بدران ٻين حربن تي وڌيڪ ڀاڙي رهي هئي. اسپين جي رانديگرن کي مڪا هڻڻ کان وٺي هوا ۾ اڏارڻ تائين جون حرڪتون ڪيترن ئي مداحن جي نظر ۾ ساک مجروح ڪري ڇڏي.
خانداني پسمنظر
يامال جي ماءُ شيلا ايبانا آهي، جيڪا استوائي گني (Equatorial Guinea) جي شهر باتا سان واسطو رکندڙ ويٽريس هئي، جڏهن ته سندس والد منير نصراوي مراڪش جي شهر العرائش سان تعلق رکندڙ عمارتن کي رنگ ڪندڙ پينٽر هو.
13 جولاءِ 2007 ۾يامال ڄائو هو ۽ هو جڏهن ٽن ورهين جو هو ته سندس والدين ۾ جدائي ٿي وئي، پر ٻنهي والدين سندس پرورش ۽ زندگيءَ ۾ پنهنجو ڪردار برقرار رکيو.
سندس خاندان اڳ ۾ ماتارو ۾ رهندو هو، پر والدين جي جدائي کانپوءِ سندس ماءُ گرانوليرس منتقل ٿي وئي. يامال پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ ٻنهي سان وقت گذارڻ لاءِ انهن ٻنهي شهرن جي وچ ۾ ايندو ويندو رهيو. يامال جو هڪ ويڳو ڀاءُ ۽ ڀيڻ پڻ آهن.
14 آگسٽ 2024ع تي ماتارو جي هڪ ڪار پارڪ ۾ يامال جي والد تي چاقو سان حملو ڪيو ويو. هن کي معمولي زخم رسيو، ۽ ٽن ڏينهن بعد اسپتال مان فارغ ڪيو ويو. پوليس حملي ۾ ملوث چار ڄڻن کي گرفتار ڪيو.
سماجي سرگرميون
يامال 31 مارچ 2026ع تي بارسلونا ۾ اسپين ۽ مصر جي وچ ۾ ٿيل دوستانه ميچ دوران ڪجهه اسپيني مداحن طرفان مصري رانديگرن خلاف هڻندڙ اسلام مخالف ۽ ڌارين سان نفرت تي ٻڌل نعرن جي سخت مذمت ڪئي. هن پنهنجي بيان ۾ چيو: “اهي نعرا مخالف ٽيم کي نشانو بڻائي هنيا ويا هئا، ۽ ذاتي طور مون خلاف نه هئا، پر هڪ مسلمان جي حيثيت ۾ مان سمجهان ٿو ته اها بي احترامي آهي ۽ ڪنهن به صورت ۾ برداشت جوڳو ناهي.”
11 مئي 2026ع تي بارسلونا جي لا ليگا ٽائيٽل کٽڻ واري جشن جي پريڊ دوران يامال فلسطيني عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي فلسطيني جهنڊو لهرايو هو.
هن جي ان عمل کي مداحن، فلسطين جي حمايت ڪندڙ ڪارڪنن ۽ اسپين جي وزيراعظم پيڊرو سانچيز سميت ڪيترن ئي سياسي اڳواڻن ساراهيو، جڏهن ته اسرائيل جي دفاع واري وزير اسرائيل ڪيٽز ان تي تنقيد ڪئي هئي.
جون 2026ع ۾ يامال کي يونيسيف جو گڊ وِل ايمبيسيڊر مقرر ڪيو ويو. هن جو ڌيان ٻارن جي راند ڪرڻ جي حق کي هٿي ڏيڻ ۽ جنگين يا قدرتي آفتن جهڙين انساني بحرانن ۾ رهندڙ ٻارن جي مدد ڪرڻ تي کتل آهي.
ڪيٽالونيا
يامال ننڍي عمر کان ئي ڪيٽالونيا جي قومي فٽبال ٽيم جي مختلف جونيئر ٽيمن جي نمائندگي ڪئي. هو جڏهن 4 سالن جو هو ته کيس هن برادري پنهنجي خرچ تي فٽبال اڪيڊمي ۾ موڪليو. اسپين جي اتر ۾ ڪيٽالونيا هڪ خومختيار علائقو آهي ۽ ان جي 80 لک برادري آهي. جڏهن هو 11 ورهين جو ٿيو ته کيس ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو. هن انڊر-12، انڊر-14 ۽ انڊر-16 ٽيمن جي ڪپتاني به ڪئي.
اسپين
يامال اسپين جي جونيئر قومي ٽيمن جو پڻ اهم رانديگر رهيو. هن اسپين جي انڊر-15 ۽ انڊر-16 ٽيمن جي نمائندگي ڪئي. 2023ع ۾ هن اسپين جي انڊر-17 ٽيم سان يورپي انڊر-17 چيمپئن شپ ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن ٽورنامينٽ دوران چار گول ڪيا. اسپين سيمي فائنل تائين پهتي، پر فرانس هٿان 3-1 تان شڪست کائي ٻاهر ٿي وئي.
صرف 16 سال ۽ 50 ڏينهن جي عمر ۾، 1 سيپٽمبر 2023ع تي اسپين جي هيڊ ڪوچ لوئس ڊي لا فوئنٽي کيس يوفا يورو 2024 جي ڪواليفائنگ ميچن لاءِ پهريون ڀيرو سينيئر قومي ٽيم ۾ سڏايو. اهي ميچون جارجيا ۽ قبرص خلاف هيون.
8 سيپٽمبر 2023ع تي جارجيا خلاف پنهنجي سينيئر ڊيبيو ميچ ۾ يامال 74هين منٽ ۾ گول ڪيو، جنهن سان اسپين 7-1 تان وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي.
16 سال ۽ 57 ڏينهن جي عمر ۾ هو اسپين جي قومي ٽيم جي تاريخ جو سڀ کان ننڍي عمر وارو رانديگر ۽ گول اسڪور ڪندڙ بڻجي ويو. هن ان سلسلي ۾ گاوي جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا، جنهن 17 سال ۽ 62 ڏينهن جي عمر ۾ ڊيبيو ڪيو هو ۽ 17 سال ۽ 304 ڏينهن جي عمر ۾ پنهنجو پهريون گول ڪيو هو.
ان کان علاوه يامال يورپي چيمپئن شپ جي ڪواليفائنگ مرحلي ۾ گول ڪندڙ تاريخ جو سڀ کان ننڍي عمر وارو رانديگر پڻ بڻيو. هن ويلز جي گيرٿ بيل جو رڪارڊ به ٽوڙي ڇڏيو، جنهن 17 سال ۽ 83 ڏينهن جي عمر ۾ اهو اعزاز حاصل ڪيو هو.
آڪٽوبر 2023ع ۾ يامال کي اسڪاٽلينڊ ۽ ناروي خلاف باقي رهيل يورو ڪواليفائرز لاءِ ٻيهر اسپين جي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو. اسپين ٻنهي ميچن ۾ ڪاميابي حاصل ڪري يورو 2024 لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.
يورو 2024 جو چيمپئن
7 جون 2024ع تي يامال کي يوفا يورو 2024 لاءِ اسپين جي 26 رڪني اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو. 15 جون تي هن ڪروشيا خلاف يورپي چيمپئن شپ ۾ پنهنجو پهريون ميچ کيڏيو ۽ 16 سال ۽ 338 ڏينهن جي عمر ۾ ٽورنامينٽ جي تاريخ جو سڀ کان ننڍي عمر وارو رانديگر بڻجي ويو. هن ان سلسلي ۾ پولينڊ جي ڪاسپر ڪوزلووسڪي جو اڳوڻو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو.
ڪروشيا خلاف ان ئي ميچ ۾ هن داني ڪارواخال جي گول لاءِ شاندار اسسٽ ڏني، جنهن سان هو يورپي چيمپئن شپ جي تاريخ ۾ اسسٽ ڏيڻ وارو به سڀ کان ننڍي عمر وارو رانديگر بڻجي ويو. اسپين اها ميچ 3-0 تان کٽي ورتي.
جارجيا خلاف رائونڊ آف 16 جي ميچ ۾ يامال ناڪ آئوٽ مرحلي ۾ کيڏندڙ سڀ کان ننڍي عمر وارو رانديگر بڻيو ۽ جوڊ بيلنگهم جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو. هن ان ميچ ۾ هڪ ٻي اسسٽ پڻ ڏني ۽ اسپين 4-1 تان ڪامياب ٿيو.
ڪوارٽر فائنل ۾ جرمني خلاف 2-1 جي فتح دوران يامال هڪ ٻيو اهم اسسٽ ڏنو. ان سان هن يورپي چيمپئن شپ جي هڪ ئي ايڊيشن ۾ ٽن اسسٽن جو اسپيني رڪارڊ برابر ڪيو، جيڪو اڳ ۾ سيسڪ فابريگاس (2008ع)، ڊيوڊ سلوا (2012ع) ۽ ڊاني اولمو (2020ع) قائم ڪري چڪا هئا.
9 جولاءِ تي فرانس خلاف سيمي فائنل ۾ يامال پنالٽي ايريا کان ٻاهران زبردست ڪروِلنگ شاٽ ذريعي اسپين جو پهريون گول ڪيو، جيڪو بعد ۾ ٽورنامينٽ جو بهترين گول قرار ڏنو ويو.
پنهنجي سترهين سالگرهه کان صرف چار ڏينهن اڳ هو يورپي چيمپئن شپ جي تاريخ جو سڀ کان ننڍي عمر وارو گول ڪندڙ رانديگر بڻجي ويو. هن سوئٽزرلينڊ جي يوهان فونلانٿن جو رڪارڊ به ٽوڙي ڇڏيو، جيڪو ان کان اڳ سڀ کان ننڍي عمر وارو گول اسڪور ڪندڙ هو.
يورو 2024 جي پڄاڻي تي يامال کي “ينگ پليئر آف دي ٽورنامينٽ” جو اعزاز ڏنو ويو. فائنل ۾ اسپين انگلينڊ کي 2-1 تان شڪست ڏئي يورو 2024 جو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪيو، ۽ يامال يورپي چيمپئن شپ کٽيندڙ تاريخ جو سڀ کان ننڍي عمر وارو رانديگر بڻجي ويو.
فائنل ۾ هن ساٿي ونگر نيڪو وليمز کي اسپين جي پهرين گول لاءِ اسسٽ ڏني. ان سان هو ڪنهن وڏي عالمي ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ گول ۾ حصو وٺندڙ سڀ کان ننڍي عمر وارو رانديگر بڻيو. ان کان علاوه، هن يورو جي هڪ ئي ايڊيشن ۾ چار اسسٽن سان سڀ کان وڌيڪ اسسٽ ڪندڙ رانديگرن جي گڏيل فهرست ۾ به جاءِ ماڻي.
2024–25 جي يوفا نيشنز ليگ ۾ يامال فرانس خلاف سيمي فائنل ۾ 5-4 جي فتح دوران ٻه گول ڪيا، جن مان هڪ سندس پيشاور ڪيريئر جي پهرين پينالٽي گول هو.
بهرحال، فائنل ۾ اسپين ۽ پرتگال وچ ۾ مقرر وقت ۽ اضافي وقت کانپوءِ مقابلو 2-2 تان برابر رهيو، جنهن بعد پينالٽين تي پرتگال 5-3 تان ڪاميابي حاصل ڪري چيمپئن بڻجي ويو.
2026ع فيفا ورلڊ ڪپ جو چيمپئن
25 مئي 2026ع تي يامال کي 2026ع فيفا ورلڊ ڪپ لاءِ اسپين جي 26 رڪني اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو. 21 جون تي سعودي عرب خلاف گروپ ميچ ۾ هن ورلڊ ڪپ جو پنهنجو پهريون گول ڪيو، جنهن سان اسپين 4-0 تان ڪاميابي حاصل ڪئي. ان ڪارنامي سان هو 18 سال يا ان کان گهٽ عمر ۾ ورلڊ ڪپ جي ميچ جو پهريون گول ڪندڙ تاريخ جو رڳو ٻيو رانديگر بڻيو، جڏهن ته پهريون اعزاز 1958ع ۾ پيلي حاصل ڪيو هو.
رائونڊ آف 32 ۾ آسٽريا خلاف 3-0 جي فتح دوران يامال کي “مين آف دي ميچ” قرار ڏنو ويو. ٽورنامينٽ دوران هن هر 90 منٽن ۾ اوسطاً 12 ڪامياب ڊرِبل ڪيا، جيڪو 1998ع ۾ جي-جي اوڪوچا کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ اوسط هو.
سيمي فائنل ۾ اسپين فرانس کي 2-0 تان شڪست ڏني. ان ميچ ۾ يامال تي لوڪاس ڊينئي جي فائول سبب اسپين کي پينالٽي ملي، جنهن کي ميڪل اويارزابال گول ۾ تبديل ڪري ٽيم کي برتري ڏني.
فائنل ۾ اسپين ارجنٽائن کي 1-0 تان شڪست ڏئي 2026ع جو فيفا ورلڊ ڪپ پنهنجي نالي ڪيو. يامال 19 سال ۽ 6 ڏينهن جي عمر ۾ يورپي چيمپئن شپ ۽ فيفا ورلڊ ڪپ ٻئي کٽيندڙ تاريخ جو سڀ کان ننڍي عمر وارو رانديگر بڻجي ويو.
ان کان علاوه، هو پيلي ۽ جيوسيپي برگومي کان پوءِ ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ کيڏندڙ (۽ فاتح بڻجندڙ) تاريخ جو ٽيون سڀ کان ننڍي عمر وارو رانديگر پڻ بڻيو.
اسپين جو واحد مسلمان رانديگر
لامين يامال اسپين جي ٽيم جو واحد مسلمان رانديگر آهي ۽ هو رمضان المبارڪ جا روزا به رکي ٿو. اها پابندي ٽريننگ ۽ ميچ وارن ڏينهن تي به جاري رکندو آهي. هو ڪيٽالان، اسپيني ۽ انگريزي ٻوليون رواني سان ڳالهائي سگهي ٿو.
يامال ڪجهه عرصي لاءِ ارجنٽائن جي ڳائڻي نِڪي نيڪول سان تعلق ۾ رهيو، پر آڪٽوبر 2025ع ۾ ٻنهي جي وچ ۾ علحدگي ٿي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو