غازي ڳوٺ کي ڊاهڻ خلاف ايس يو پي ڪارڪنن جا ڌار ڌار احتجاج ڌرڻا

غازي ڳوٺ کي ڊاهڻ خلاف ايس يو پي ڪارڪنن جا ڌار ڌار احتجاج ڌرڻا

مانجهند (ن سنڌيار)مانجهند تعلقي جي مختلف شھرن ۾ ڪراچي جي غازي ڳوٺ کي ڊاهڻ خلاف ايس يو پي ڪارڪنن جا ڌار ڌار احتجاج ڌرڻا تفصيل موجب سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي سڏ تي ڪراچي جي تاريخي غازي ڳوٺ کي ڊاهڻ خلاف مانجهند تعلقي جي لاکا شھر ۾ علي نواز ڪنڀر اصغر علي ميمڻ حاڪم علي کوسو جي اڳواڻي ۾ ڳوٺ وڏا ڇڇر ۾ امام الدين ڇڇر مولا بخش ڇڇر محمد حسن ڇڇر نبي بخش ڇڇر جي اڳواڻي ۾ منظور آباد ۾ حق نواز مڱڻھار واجد پهنور مدد علي سولنگي مانجهند ۾ يوسف عمراڻي اعجاز ميمڻ الهڏنو انڙ جي اڳواڻي ۾ ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪري مين چوڪ تي ڌرڻا هنيا ويا ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ت ڪراچي جي قديمي سنڌي ڳوٺ کي بلڊر مافيا ڊاهي مقامي ماڻھن کي بنا جواز لڏائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آھي پوليس به حڪمرانن جي ونگارو بنجي عورتن ٻارڙن تي گوليون شيل وسايا آھن جڏھن ت اعجاز سامٽيو محبوب عباسي سميت ڪيترن ئي ايس يو پي ڪارڪنن تي ڪوڙا ڪيس پڻ داخل ڪيا آھن پر سنڌي ماڻھن کي لڏائڻ جي ڪابه ڪوشش ڪامياب تيڻ نه ڏني مقامي ماڻھن سان پارٽي هر وقت گڏ آھي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو