غازي ڳوٺ تي ٻيهر پوليس جي چڙاهي،رهواسين جو احتجاج،چڪريون

غازي ڳوٺ تي ٻيهر پوليس جي چڙاهي،رهواسين جو احتجاج،چڪريون

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي عبدالله شاه غازي E بلاڪ بعد G بلاڪ کي ڊاهڻ لاء جون تياريون شروع ٿي ويون عدالتي حڪم نامي جي آڙ ۾ پوليس اينٽي انڪروجمينٽ پوليس ضلعي اوڀر انتظاميه طرفان گهرن کي مسمار ڪرڻ لاء پلاننگ رهواسين طرفان سخت مزاحمت جو اعلان احتجاجي مظاهرو ڪري گهرن جي تحفظ خاطر جانين جا نذرانه ڏيڻ جو چتاء رپورٽ موجب عبدالله شاهه غازي G بلاڪ کي ڊاهڻ لاء آپريشن جي سلسلي ۾ ضلعي اوڀر ايس ايس پي طرفان ليٽر جاري ڪري آپريشن ۾ حصو وٺندڙ آفيسرن جا انگ اکر جاري ڪيا ويا اڄ آپريشن جو پلان جوڙيو ويو هو اهڙي صورتحال خلاف بلاڪ (G) جي رهواسين طرفان امڪاني طور گهرن کي ڊاهڻ واري عمل خلاف عورتن.معصوم ٻارڙن مردن پاران مين روڊ تي نڪري آيا ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاجي مظاهرو ڪري ٿيندڙ ناانصافي خلاف سخت نعري بازي ڪئي جڏهن ته رهواسين جي احتجاج ۾ مختلف سياسي سماجي اڳواڻن ايس يو پي مرڪزي نائب صدر اعجاز سامٽيو. G بلاڪ يونين ويللفيئر صدر محرم راڄپر .ايس ٽي پي اڳواڻ محمد حيات تونيو علي بخش لاشاري. ڪامريڊ ارشاد لغاري .اي جي پي اڳواڻ لعل محمد چانڊيو .سڪندر سوڍر .ڪامريڊ شبير راڄپر .ڊاڪٽر الطاف ميمڻ .اشفاق عباسي ۽ ٻين پهچي پڪجهتي طور احتجاج ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته اڳ عبدالله شاهه غازي ڳوٺ E بلاڪ جي رهواسين کي بي گهر ڪرڻ لاء بلڊر مافيا ڪرپٽ روينيو آفيسرن جي ملي ڀڳت سان گهرن کي ڊاهڻ لاء آپريشن ڪيو جنهن کي رهوسين طرفان سخت مزاحمت ڪري گولين آڏو عورتن معصوم ٻارڙن سميت سينا تاڙي گوليون کائي ناڪام بڻايو اهڙي پوليس گردي توڙي ظلم خلاف ٽن مهينن کان رهواسي سراپا احتجاج آهن پر سنڌ حڪومت ان معاملي تي ڪوبه ڌيان ناهي ڏنو جڏهن ته هن وقت ساڳئي روينيو جي ڪرپٽ جعلساز آفيسرن عدالت سڳوري کي گمراهه ڪندي G بلاڪ کي ڊاهرائڻ جي سازش ڪئي آهي پر هتان رهواسي پنهنجي گهرن کي بچائڻ لاء سرسان ڪفن ٻڌي پوليس توڙي اينٽي انڪروجمينٽ پوليس جي ظلم اڳيان هر قسم جي مزاحمت توڙي قرباني ڏيڻ لاء نڪري سراپا احتجاج ٿيا آهن اڳواڻن چيو ته عدالت سڳوري کي فيصلي تي نظرثاني جي اپيل ڪندي اصل زميني حقائق معلوم ڪرڻ جي استدعا آهي ڇاڪاڻ ته هڪ منظم شازش تحت گلزار هجري اسڪيم 33 جي سنڌي وسندين کي بلڊر مافيا مسمار ڪري وڏيون عمارتون ۽ پراجيڪٽ تعمير ڪرڻ لاء ڪرپٽ جعلساز روينيو آفيسرن جي ملي ڀڳت سان پوليس کي ڳري رشوت ڏئي ڍال طور استعمال ڪري رهواسين سان ظلم ڪري رهيا آهن هنن سنڌ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي اپيل ڪئي ته ڪراچي جي اصل ڌرتي ڌڻين سان ٿيندڙ ناانصافين خلاف فوري طور نوٽيس وٺي رهواسين کي بي گهر ٿيڻ کان بچايو وڃي. ٻئي صورت ۾ اسين جانين جا پرواه نه ڪندي به پنهنجي گهرن جو تحفظ ڪنداسين هر صورت ۾ آپريشن خلاف مزاحمت ڪنداسين جيڪا به صورتحال ٿيندي ان جي ذميوار سنڌ سرڪار مٿان هوندي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو