رپورٽ محمد حداد ۽ مريم علي پاران
2023 ۾ غزه خلاف اسرائيل جي نسل ڪُشي واري جنگ شروع ٿيڻ کان پوءِ پهريون ڀيرو فلسطيني عيسائي بيت لحم ۾ چرچ آف دي نيٽي ويوٽي (چرچ آف ميلاد) ۾ گڏ ٿيا آهن ته جيئن ڪرسمس ملهائي سگهن.
بيت لحم جي ميئر چيو آهي ته ميونسپلٽي ڊگهي اونداهي ۽ خاموشي کان پوءِ شهر جي تقريبات کي ٻيهر بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ڪرسمس مارڪيٽ ۾ بيت لحم جي رهواسڻ، هڪ ماءُ صفا ٿلجيه، الجزيره جي ندا ابراهيم کي ٻڌايو: “اسان جي خوشيءَ جو مطلب اهو ناهي ته ماڻهو تڪليف ۾ ناهن، پنهنجا پيارا وڃائي نه ويٺا آهن يا مايوس ناهن، پر اسان رڳو اها دعا ڪري سگهون ٿا ته حالتون بهتر ٿين.”
فلسطين: عيسائيت جي جنم ڀومي
فلسطيني عيسائي دنيا جي قديم ترين عيسائي برادرين مان آهن. بائبل موجب، بيبي مريم ۽ يوسف ناصره کان بيت لحم سفر ڪيو، جتي حضرت عيسىٰ پيدا ٿيا ۽ کٽولي ۾ رکيا ويا. ان هنڌ تي چرچ آف دي نيٽيوٽي تعمير ڪيو ويو هو، جنهن جي غار وڏي مذهبي اهميت رکي ٿي ۽ هر سال ڪرسمس تي دنيا ڀر مان عيسائين کي بيت لحم ڏانهن ڇڪي آڻي ٿي.
پر اڄ اهو سفر بلڪل مختلف آهي، ڇاڪاڻ ته اسرائيلي چيڪ پوسٽن، غيرقانوني آبادڪارن جي بستين ۽ ڌار ڪندڙ ديوار سبب چر پر گهڻي ڏکي ٿي وئي آهي.

Grafics by Aljazeera
اسرائيلي قبضي هيٺ رهندڙ فلسطيني عيسائي
هڪ وقت خوشحال برادري هئڻ باوجود، قبضي هيٺ ويسٽ بئنڪ، اوڀر يروشلم ۽ غزه ۾ رهندڙ عيسائين جو انگ هاڻي 50 هزار کان به گهٽ آهي، جيڪو 2017 جي آدمشماري موجب آبادي جو لڳ ڀڳ هڪ سيڪڙو آهي.
ويهين صدي جي شروعات ۾ عيسائي آبادي لڳ ڀڳ 12 سيڪڙو هئي، پر ويسٽ بئنڪ تي اسرائيل جي غيرقانوني قبضي برادرين کي دٻائي ڇڏيو، معاشي ڏکيائون پيدا ڪيون ۽ ماڻهن کي پنهنجي زمين تي رهڻ جون بنيادي حالتون به نه ڏنيون ويون، جنهن سبب ڪيترائي خاندان ٻاهرين ملڪن ۾ وڌيڪ محفوظ زندگي ڳولڻ تي مجبور ٿيا.

Graphics by Aljazeera
فلسطين جا اڪثر عيسائي ويسٽ بئنڪ ۽ اوڀر يروشلم ۾ رهن ٿا، جن جو ڪل انگ لڳ ڀڳ 47 هزار کان 50 هزار آهي، جڏهن ته جنگ کان اڳ غزه ۾ لڳ ڀڳ هڪ هزار عيسائي رهندا هئا.
ويسٽ بئنڪ ۾ عيسائي آبادي جا وڏا مرڪز
• بيت لحم ضلعي (22 هزار کان 25 هزار): سڀ کان وڏو مرڪز، جنهن ۾ بيت لحم، بيت جالا ۽ بيت ساحور شامل آهن.
• رام الله ۽ البيره (10 هزار): انتظامي ۽ معاشي مرڪز، جنهن ۾ تاريخي ڳوٺ طيبه، بيرزيت ۽ جفنه شامل آهن.
• اوڀر يروشلم (8 هزار کان 10 هزار): خاص طور تي پراڻي شهر جي عيسائي پاڙي ۽ بيت حنينا جهڙن علائقن ۾.
ٻين فلسطينين وانگر، فلسطيني عيسائي به اسرائيلي فوجي ڪنٽرول، آبادڪارن جي تشدد ۽ امتيازي قانوني نظام کي منهن ڏئي رهيا آهن.
عيسائين ۽ چرچن خلاف اسرائيلي حملا
سڄي فلسطين ۾ عيسائي برادرين ۽ انهن جي عبادتگاهن کي اسرائيلي فوج ۽ اسرائيلي شهرين طرفان ڪيترن ئي حملن کي منهن ڏيڻو پيو آهي.
ريليجيس فريڊم ڊيٽا سينٽر (RFDC) رضاڪارن ۽ ڪارڪنن پاران هلندڙ هڪ هاٽ لائين ذريعي عيسائين خلاف تشدد جي واقعن جي نگراني ڪري رهيو آهي.

Graphics by Aljazeera
جنوري 2024 کان سيپٽمبر 2025 تائين، اداري گهٽ ۾ گهٽ 201 تشدد جا واقعا درج ڪيا، جن مان گهڻا آرٿوڊوڪس يهودين طرفان بين الاقوامي پادرين يا عيسائي نشانين سان ظاهر ٿيندڙ ماڻهن خلاف ڪيا ويا.
انهن واقعن ۾ ٿُڪ هڻڻ، گاريون ڏيڻ، ٽوڙ ڦوڙ، حملا ۽ ٻيون تڪليف ڏيندڙ حرڪتون شامل آهن. انهن مان اڪثر واقعا (137) قبضي هيٺ اوڀر يروشلم جي پراڻي شهر ۾ ٿيا.
يروشلم ڪيترن ئي مذهبن، جن ۾ اسلام، يهوديت ۽ عيسائيت شامل آهن، لاءِ وڏي اهميت رکي ٿو. عيسائين لاءِ سڀ کان اهم عبادتگاهن مان هڪ چرچ آف دي هولي سيپلڪر آهي، جتي عيسائين جي عقيدي موجب حضرت عيسىٰ کي سُولي تي چاڙهيو ويو هو، دفن ڪيو ويو ۽ وري جيئرو ٿيا.
2025 دوران قبضي هيٺ ويسٽ بئنڪ ۾ عيسائي برادرين کي هدف بڻائيندڙ تشدد ۽ زمينن تي قبضي ۾ خطرناڪ اضافو ڏٺو ويو.
غزه ۾ چرچن تي حملا
غزه ۾ به ڪيترين عبادتگاهن، جن ۾ چرچ شامل آهن، تي اسرائيلي فوج حملو ڪيو آهي.
2025 جي شروعات ۾ جاري ٿيل “اوپن ڊورز” جي رپورٽ موجب، اسرائيل جي نسل ڪُشي واري جنگ شروع ٿيڻ کان پوءِ غزه ۾ عيسائين جي لڳ ڀڳ 75 سيڪڙو گهرن کي نقصان پهتو يا مڪمل طور تباهه ٿي ويا.
19 آڪٽوبر 2023 تي اسرائيلي فوج غزه جي قديم ترين يوناني آرٿوڊوڪس چرچ، سينٽ پورفيريئس، تي حملو ڪيو، جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 18 بي گهر ماڻهو، جن ۾ ٻار به شامل هئا، مارجي ويا. انهن ماڻهن چرچ ۾ پناهه ورتي هئي.
1150ع ۾ تعمير ٿيل هي چرچ غزه جي سڀ کان پراڻي فعال عبادتگاهه هئي ۽ جنگ دوران ڪيترن ئي مذهبن سان واسطو رکندڙ سوين شهرين لاءِ پناهه گاهه بڻيل هئي.
هڪ ڏکويل پيءُ الجزيره کي ٻڌايو ته ڌماڪي ۾ سندس ٽي ٻار مارجي ويا: “اسان هتي پناهه ورتي، اهو سمجهي ته هي محفوظ جاءِ آهي ـ اسان جي آخري محفوظ جاءِ، خدا جو گهر. هنن منهنجن فرشتن تي بم ڪيرايو ۽ بنا ڪنهن اطلاع جي کين قتل ڪري ڇڏيو.”
اسرائيلي فوج غزه جي واحد رومن ڪيٿولڪ چرچ، هولي فيملي چرچ، تي به بار بار حملا ڪيا آهن، جيڪو ڊگهي عرصي کان مقامي عيسائي برادري لاءِ پناهه گاهه رهيو آهي.
4 نومبر 2023 تي چرچ جي احاطي تي هوائي حملي سبب اندر موجود اسڪول جزوي طور تباهه ٿي ويو. حملا جولاءِ 2025 تائين جاري رهيا، جڏهن هڪ اسرائيلي ٽينڪ جو گولو چرچ کي لڳو، جنهن ۾ ٽي ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا.
هولي فيملي چرچ غزه کان ٻاهر به علامتي اهميت رکي ٿو. سڄي جنگ دوران مرحوم پوپ فرانسس تقريباً هر ڏينهن هن چرچ سان فون تي رابطو ڪندو رهيو، ۽ محاصري هيٺ آيل برادري سان سڌي رابطي ۾ رهيو.
(نوٽ هي رپورٽ الجزيره انگريزي جي ويب سائيٽ تي شايع ٿي جيڪا اسين سندن ٿورن سان پنهنجي پڙهندڙن لاءِ پيش ڪريون ٿا.ادارو)










