اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت سرڪاري ملازمن کي عيد تي ايڊوانس پگهار ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.خزاني جي وزارت موجب سرڪاري ملازمن کي پگهار ۽ پينشن 27 جولاءِ تي ڏيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي ۽ ان سلسلي ۾ ايڊوانس پينشن جي ادائيگي جي به منظوري ڏني وئي آهي. خزاني جي وزارت جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن عيدالاضحيٰ 31 جولاءِ تي ٿي ته پگهار ۽ پينشن ايڊوانس ڏني ويندي.










