عيد ميلاد النبي ﷺ جي موقعي تي قيدين جي سزائن ۾ گهٽتائي

عيد ميلاد النبي ﷺ جي موقعي تي قيدين جي سزائن ۾ گهٽتائي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) عيد ميلاد النبي ﷺ جي موقعي تي قيدين جي سزائن ۾ خاص نرمي جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.نوٽيفڪيشن موجب قيدين جي سزا ۾ 90 ڏينهن جي گهٽتائي ڪئي وئي آهي.سزائن ۾ تبديلي قتل، جاسوسي ۽ رياست مخالف سرگرمين ۾ ملوث قيدين تي لاڳو نه ٿيندي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته زنا، چوري، ڦرلٽ، اغوا، دهشتگردي ۽ قومي خزاني کي نقصان پهچائڻ ۾ ملوث ڏوهارين کي به ڇوٽ نه ملندي.سزائون 65 سالن کان مٿي عمر وارن مرد قيدين تي لاڳو ٿينديون جن پنهنجي قيد جو ٽيون حصو پورو ڪيو هجي.

پهنجو تبصرو موڪليو