عيد الاضحيٰ، بلاول ۽ قريشي ڪشمير، نواز، مريم، زردار جي جيل ۾ عيد

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) سومر ڏينهن سڄي ملڪ ۾ مينهوڳي ۾ عيد الاضحيٰ ملهائي وئي، ڪراچي جي گهڻن علائقن مان بارش جو پاڻي ڪڍيو ويو آهي پر ڪيترن ئي علائقن ۾ ماڻهن کي عيد نماز جي ادائگي ۾ پريشاني ٿي. پرڏيهي کاتي جو وزير شاهه محمود قريشي ۽ بلاول ڀٽو زرداري ڪشميرين سان اظهار يڪجهتي لاءِ عيد نماز مظفر آباد ۾ ڪشمير جي وزيراعظم راجا فاروق حيدر سان گڏ ادا ڪئي. عيد تي بجلي بند نه ڪرڻ جي اعلان تي عمل نه ٿيو غير ضروري لوڊ شيڊننگ جاري آهي. سنڌ جي اڪثر بهراڙي واران علائقن م عيد جي نماز ادا ٿيڻ شرط بجلي بند ڪئي وئي. هي پهرين عيد آهي ته پاڪستان جو اڳوڻو صدر آصف علي زرداري، ثي ڀيرا ملڪ جو وزيراعظم رهندڙ ميان نواز شريف، فريال ٽالپر، مريم نواز، حمزه شهباز، خواجا سعد رفيق سميت ڪيترائي سياستدانن جيل ۾ عيد ڪئي. فريال ٽالپر کي ته اڌ رات پولي ڪلينڪ مان اڊياله جيل منتقل ڪيو ويو، جنهن جي پي پي اڳواڻن مذمت ڪئي آهي ۽ بلاول چيو آهي ته ڊاڪٽرن جي صلاح جي ابتڙ اڌ رات جو ڪنهن عورت کي جيل منتقل جي ڪهڙو قانون اجازت ڏئي ٿو؟. سڄي ملڪ م قرباني به ڪئي پئي وڃي ۽ لکين جانور مذهبي عقيدي موجب ضبح ڪيا پيا وڃن. قرباني جون کلون گڏ ڪرڻ لاءِ جيتوڻيڪ حڪومت ضابطو اخلاق جوڙيو آهي پر ان تي عمل نه پيو ٿئي. لاهور ۽ پنجاب جي مختلف علائقن، خيبرپختونخواه بلوچستان ۽ سنڌ جي ڪجهه علائقن مان کلون پابندي پيل تنظيمن جا ڪارڪن ذاتي حيثيت ۾ گڏ ڪري رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو