عورت مارچ، 14 سرگرم ڪارڪن ۽ اڳواڻ گرفتار

عورت مارچ، 14 سرگرم ڪارڪن ۽ اڳواڻ گرفتار

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) عورتن جي عالمي ڏينهن تي رٿيل ريلي کان اڳ ئي پوليس عورتن جي حقن جي ڪيترن ئي سرگرم ڪارڪنن سميت عورت مارچ جي ميمبرن کي گرفتار ڪيو آهي. پوليس موجب 11 عورتون ۽ 3 مرد گرفتار ڪيا ويا آهن.
پوليس موجب عورت اڳواڻن کي سپر مارڪيٽ مان گرفتار ڪيو ويو، جتي اهي مارچ شروع ڪرڻ لاءِ گڏ ٿي رهيون هيون. مارچ ڪندڙ نيشنل پريس ڪلب جي ٻاهران پهتا، پر اتي اڳ ۾ ئي پوليس جو وڏو دستو موجود هو. پوليس مارچ ڪندڙن کي گرفتار ڪري عورتن واري پوليس اسٽيشن منتقل ڪيو.
گرفتار ٿيلن ۾ مشهور سرگرم ڪارڪن ڊاڪٽر فرزانہ باري سميت عورت مارچ جي ٻين آرگنائيزرز ۽ شرڪت ڪندڙ شامل آهن. پوليس موجب هنن قلم 144 جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. هنن کي انتظاميا اين او سي نه ڏني هئي.
عورت مارچ اسلام آباد پنهنجي آفيشل انسٽاگرام اڪائونٽ تي هڪ وڊيو شيئر ڪيو، جنهن ۾ باري ۽ ٻيون عورتون پوليس جي گاڏيءَ اندر ويٺل نظر اچن ٿيون.
پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته لال مسجد مئنيجمينٽ به مارچ کي روڪڻ جو عزم ظاهر ڪيو هو، جنهن سبب ممڪنه تڪرار جو خطرو هو، تنهنڪري قانون ۽ امن جي صورتحال کان بچڻ لاءِ سرگرم ڪارڪنن کي گرفتار ڪرڻ وڌيڪ مناسب سمجهيو ويو.
مارچ ۾ شرڪت ڪندڙن گرفتارين جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته انٽرنيشنل وومنز ڊي تي عورتن کي گرفتار ڪرڻ تمام افسوسناڪ آهي. انهن ذميوارن خلاف فوري ڪارروائي جو مطالبو ڪيو.
بعد ۾ سول سوسائٽي عورتن واري پوليس اسٽيشن جي ٻاهران گڏ ٿيڻ ۽ اتي ڌرڻو هڻڻ جو سڏ ڏنو. جڏهن هو پهتا ته کين به گرفتار ڪيو ويو.
ڇنڇر تي پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ويو هو ته عورت مارچ اسلام آباد جو ٿيم ”فيمينسٽ آئين“ آهي، ۽ انهن حدود آرڊيننس ۽ 26هين ۽ 27هين آئيني ترميمن جهڙن قانونن کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو