اسلام آباد(بيورو) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان عورت جج زيبا چوڌري کي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ لکت ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي.عمران خان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي نئون تحريري جواب جمع ڪرايو، جواب 19 صفحن تي مشتمل آهي. عمران خان شوڪاز نوٽيس جي جواب ۾ عدالت ۾ ضمني جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي.تحريڪ انصاف جي چيئرمين عدالت ۾ جمع ڪرايل جواب ۾ جج زيبا چوڌري بابت ڳالهايل لفظن تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته غير ارادي طور وات مان نڪتل لفظن تي سخت افسوس آهي.پنهنجي جواب ۾ عمران خان چيو ته اها ڳالهه حوصلي جي ڳالهه آهي ته مون کي پنهنجو موقف پيش ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويو، مون هميشه ادارن جي احترام جي بنياد تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو آهي، مان يقين ڏياريان ٿو ته عدالت ۽ ججن جو احترام ڪريان ٿو.هن چيو ته ججز هميشه عام ماڻهو کي انصاف فراهم ڪرڻ ۾ مصروف آهن، منهنجو مقصد عورت مئجسٽريٽ جي دل آزاري ڪرائڻ نه هو، مان هاءِ ڪورٽ ۽ ان جي ماتحت عدالتن جو وڏو احترام ڪريان ٿو، عورت جج جي جذبات کي مجروح ڪرڻ منهنجو مقصد نه هو. عوامي ريلي ۾ غير سنجيدگيءَ سان ادا ڪيل لفظن تي افسوس جو اظهار ڪيو، ليڊي جج کي ڌمڪائڻ جو ارادو نه هو پر ائين ڪرڻ جو سوچي به نٿو سگهجي.










