عورتن ۽ مردن کي بيمارين بابت ڄاڻ لاءِ ڳوٺن ۾ سيشن

سيٺارجا (الطاف حسين ڀٽو)سماجي تنظيم انسان دوست سوشل آرگنائيزيشن طرفان ڳوٺ محمد خان اسلامي ۽ محمد اسماعيل خاصيخلي ۾ سماجي تنظم شرڪت گاھ جي تعاون سان عورتن ۽ مردن جي خاص بيمارين بابت ڄاڻ ۽ معلوماتي سيشن منعقد ڪيا عورتن ۽ مردن جي مختلف بيمارين ۽ عورتن ۾ ٻار ڄمڻ  جي حوالي سان معلوماتي  پروگرام ڪراياويا.

Photo Sindhyar

عورتن کي شازيه بيگم ,انيلا بيگم توليدي ۽ عورتن جي بيمارين بابت ڄاڻ ڏني جڏھن ته مردن کي محمد اسلم ,غلام حيدر خاصخيلي ڄاڻ ڏني  ان موقعي تي انسان دوست سوشل آرگنائيزيشن جو چئيرمين عبدالجبار پڻ موجود هيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو