عورتن جي ڪاميابي ۾ مردن جو ڪردار اهم قرار

ممبئي (ويب ڊيسڪ)اڳوڻي ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيه مرزا عورتن جي ڪاميابي ۾ مردن جي ڪردار کي اهم قرار ڏئي ڇڏيو.پنهنجي هڪ بيان ۾ ثانيه مرزا چيو ته هر ڪامياب مرد جي پويان هڪ عورت هوندي آهي پر ڪيترين ئي ڪامياب عورتن جي پويان مرد هوندا آهن.هن چيو ته اهڙا مرد ڀائرن، مڙس، پيءُ يا دوستن جي صورت ۾ موجود هوندا آهن، اهي وقت کان اڳ سوچيندا آهن، جنهن سبب عورتن کي پنهنجن خوابن جي پورائي لاءِ اعتماد ملندو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو