عورتن جي مارچ تي پابندي واري درخواست رد، درخواستگذار تي ڏنڊ لاڳو

عورتن جي مارچ تي پابندي واري درخواست رد، درخواستگذار تي ڏنڊ لاڳو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ عورت مارچ تي پابندي جي درخواست رد ڪندي درخواستگذار تي ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو.سپريم ڪورٽ ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ عورتن جي مارچ تي پابندي جي درخواست رد ڪندي درخواستگذار تي 25 هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو.عدالت حڪم ڏنو ته جيڪڏهن درخواستگذار ڏنڊ نه ڀريو ته سندس سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪيو وڃي.عدالت چيو ته درخواستگذار وٽ اهڙو ڪو به مواد ناهي جنهن جي بنياد تي پابندي لڳائي سگهجي، درخواست داخل ڪرڻ جو مقصد پبلسٹی حاصل ڪرڻ آهي، درخواستگذار متاثر ڌر ناهي.عدالت رمارڪس ڏنا ته درخواستگذار جي اعتراضن ۾ اعتراض واري ڪا به ڳالهه ناهي.سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته پاڪستان جو آئين سمورن شهرين کي گهمڻ ڦرڻ جي آزادي ڏئي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو