عورتن جي تربيت سان ئي معاشري ۾ امن ۽ سڪون آهي:شهلا رضا

عورتن جي تربيت سان ئي معاشري ۾ امن ۽ سڪون آهي:شهلا رضا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) عورتن جي ترقي واري صوبائي وزير سيده شهلا رضا عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ سمورن عورتن کي مبارڪباد پيش ڪئي آهي، پنهنجي مبارڪباد واري پيغام سيده شهلا رضا چيو آهي ته توهان جتي آهيو، جيئن به آهيو، ڪم ڪندا آهيو اتي توهان کان وڏو ڪوئي نه آهي، عورتن جي تربيت سان ئي معاشري ۾ امن ۽ سڪون آهي ۽ جتي عورتون پنهنجي تربيت کان پري ٿينديون اتي بدامني ٿيندي. هن چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي جان جي پرواهه نه ڪندي پاڪستان ۽ دنيا جي امن جي خاطر دهشتگردن کي للڪاريو ۽ شهادت ماڻي، هن چيو ته اڄ جي ڏينهن ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو سميت پاڪستان ۽ دنيا جي امن جي خاطر پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪرڻ وارين سمورن عورتن کي سلام پيش ڪيان ٿي. هن چيو ته اسان انهن مائرن جو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي جيڪو معاشري ۾ امن ۽ سڪون جو سبب آهن. هن دعا ڪئي ته منهنجي خواهش آهي ته اسان جي دنيا هڪ اهڙي دنيا بڻجي وڃي جتي هر عورت محفوظ ۽ مضبوط هجي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو