ميرپورماٿيلو (ن سنڌيار) ميرپورماٿيلو ۾ عورتن جو بااثرن خلاف احتجاج، گھر ۾ گھڙي عورتن ۽ ٻارڙن کي تشدد ڪري ھڪ عورت سان زيادتي جي ڪوشش جو الزام، اين سي داخل آھي جوابدار ھر روز موتمار ڌمڪيون ڏيندا آھن مظاھرين.تفصيل موجب: ميرپورماٿيلي جي شاھ فيصل ڪالوني جي رھواسي عورتن گذريل ڏينھن ميرپورماٿيلي پريس ڪلب پھچي احتجاجي مظاھرو ڪيو.ان موقعي تي شھزادي شيخ، مائي صغراي شيخ ۽ مائي ايسان شيخ دانھيندي الزام ھنيو ته جوابدارن شمس پتافي ۽ حبيب الله پتافي ٻه راتيون اڳ شراب جي نشي ۾ ڌت ٿي بشير شيخ جي گھر ۾ گھڙي گھر ڌياڻي مائي شھزادي شيخ سان زيادتي جي ڪوشش ڪئي، مذمت ڪرڻ تي ڄاڻايل جوابدارن شھزادي شيخ ۽ گھر ۾ ويٺل ٻين عورتن ۽ ٻارڙن کي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو. جڏھن ته جوابدار ان ڏينھن کان پوء روز اچي موتمار ڌمڪيون ڏين ٿا ۽ دوستي رکڻ لاءِ حراسان ڪن ٿا. ھنن چيو ته ٿاڻي تي اھڙي اين سي به داخل آھي. ھنن وسوارن کان ڄاڻايل جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري کانئن تحفظ ڏيئي انصاف ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.










