عورتاڻي آواز تي ڪوهاٽ مان آيلن کي پوليس بچائي ورتو

عورتاڻي آواز تي ڪوهاٽ مان آيلن کي پوليس بچائي ورتو

گهوٽڪي(ن س) بي سيڪشن پوليس جو چوڻ آهي ته ڪوهاٽ واسي 2 ڄڻا وڪيل احمد پٺاڻ ۽ محمد عمير پٺاڻ عورتاڻي آواز تي هرکجي گيمڙو جي ڪچي واري علائقي ۾ وڃي رهيا هئا، ڌاڙيلن کين اُتي گهرايو هو. پوليس ڪارروائي ڪري ٻنهي کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو آهي. اُن موقعي تي ڪوهاٽ واسين جو چوڻ هو ته ڪجهه وقت اڳ رانگ نمبر تان کين ڪال آئي ۽ عورتاڻي آواز ۾ ڳالهائيندڙ پنهنجو نالو زيبا ٻڌايو، جنهن ٻنهي ڄڻن کي دوستي رکڻ لاءِ چيو ۽ ملڻ لاءِ گهوٽڪي گهرايو هو. ڪوهاٽ واسين ٻڌايو ته هو زيبا سان ملڻ لاءِ ڪچي ۾ وڃي رهيا هئا ته پوليس کين بچائي ورتو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو