عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيل 2 نوجوان بازياب نه ٿيا

عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيل 2 نوجوان بازياب نه ٿيا

ڀان سيدآباد (ن سنڌيار ) لڙهه ماڇي واري علائقي  سان تعلق رکندڙ  2 مغوي بازياب نه ٿي سگھيا آهن ۽ سندن وارث سکر پهچي ويا آهن. 20 ورهين جو امداد سولنگي ۽ 55 ورهين جو اڌڙوٽ شخص محبوب سولنگي عورتاڻي آواز تي هرکجي 18 جنوري تي ڀان سيدآباد کان سکر ويندي اغوا ٿي ويا هئا، جن کي 7 ڏينهن گذري ويا آهن پر سندن ڪوبه پتو ناهي پئجي سگهيو، ڌاڙيلن پاران سندن وارثن کي فون ڪال ڪري 2 ڪروڙ رپيا، 4 راڊو واچون، 4 بوسڪي جا وڳا ۽ 8 ٽچ موبائيلون ڀنگ طور طلب ڪيون ويون، ۽ پوليس کي اطلاع کان پڻ منع ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ مغوين جي چاچي محمد وارث سولنگي ٻڌايو ته اسان ڪجهه چڱن مڙسن کي ساڻ ڪري سکر آيا آهيون، اسان سکر، شڪارپور ۽ ڪشمور جي ايس ايس پيز سان ملاقات ڪري کين واقعي بابت آگاهي ڏيئي کانئن مدد طلب ڪنداسين، هن چيوته ڪال رڪارڊنگ به ايس ايس پيز کي ڏينداسين، اميد آهي ته پوليس اسان جا پيارا بازياب ڪرائڻ ۾ اسان جي مدد ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو