نوابشاھه (اي ڪي ڏاھري) ڪمشنرشهيد بينظيرآباد ڊويزن سيد محسن علي شاھه چيو آهي ته عوام کي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن ان مقصد لاءِ صحت کاتي سان مڪمل تعاون ڪيو ويندو.هن اھا ڳالھ ڪمشنر آفيس جي ڪميٽي روم ۾ صحت کاتي جي آفيسرن سان ٿيل اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ وائيس چانسلر پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي فاروومين نوابشاھ ڊاڪٽر گلشن ميمڻ، ايم ايس پي ايم سي اسپتال، ڊاڪٽر يوسف زرداري، ڊي ايڇ او ڊاڪٽر معين الدين شيخ، ايڪسين بلڊنگ ڊويزن ۽ ٻين واسطيدار عملدارن شرڪت ڪئي.اجلاس کي خطاب ڪندي ڪمشنر وڌيڪ چيو ته پي ايم سي اسپتال سميت ٻين سرڪاري اسپتالن ۾ علاج معالج لاءِ ايندڙ ماڻهن کي صحت جي سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي هن وڌيڪ چيو ته سرڪاري اسپتالن ۾ صحت جي سهولتن سان گڏ پيئڻ جي پاڻي، واش رومن، ويهڻ جي جاءِ سميت ٻين سهولتن تي پڻ خاص ڌيان ڏنو وڃي ڪمشنر ايم ايس کي هدايت ڪئي ته اسپتال جي وارڊن ۾ مريضن جي لاءِ لفٽ مشين کي فعال بڻايو وڃي جڏهن ته دوائن جي فراهمي لاءِ فنڊ صحيح نموني استعمال ڪيا وڃن ڪمشنر وڌيڪ چيو ته عوام کي صحت جون سهولتون ڏيڻ لاءِ اسان سڀئي گڏجي ڪوشش ڪيون ته ضرور بهتري ايندي هن آفيسرن تي زور ڏنو ته اسپتالن ۾ مريضن کي سهولتن جي فراهمي ۾ ايندڙ درپيش مسئلا جيئن ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل عملي جي کوٽ، دوائن جي خريداري ۽ فراهمي کان علاوه ٻين مسئلن بابت لکت ۾ ڪمشنر آفيس کي موڪليا وڃن ته جيئن انهن مسئلن جي حل لاءِ اعلى اختيارن کي سفارش ڪري سگهجي.










