عوام پي پي سان گڏ آهي مخالف ورڪ ۾ تيل نه ساڙين، صالح شاهه

عوام پي پي سان گڏ آهي مخالف ورڪ ۾ تيل نه ساڙين، صالح شاهه

ٽنڊو رحيم (ميرمرتضي لاشاري) پي ايس 86 جي تي ننڍي چونڊ ۾ پيپلز پارٽي جي اميدوار پير سيد صالح  شاھ جيلاني مخالفن کي چيو آهي ته پنهنجي گاڏين جوتيل نه ساڙيو عوام پي پي کي ئي ووٽ ڏيندو. ڇو ته عوام جا بنيادي مسئلا پيپلز پارٽي ئي حل ڪري سگهي ٿي.  ڳوٺ ساوڙو ۾ ٿيل ڪارنر گڏجاڻي ۾ خطاب ڪندي هن وڌيڪ چيو ته  دادو ضلعي مان عوام پي پي مخالفن جي اڳ ۾ به تڏا ويڙهايا هئا ۽ هاڻي به گهٽ نه ٿيندن. ان موقعي ته پي پي اڳواڻ سردار گل محمد خان رودناڻي، پ پ تعلقه جوهي جي صدر عبدالمجيد جمالي، مير مرتضيٰ جمالي ۽ ٻين پ پ اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته  پ پ ملڪ اندر واحد جماعت آھي جنهن سدائين ملڪ جي غريب پيرين اگهاڙي عوام سان ساٿ نڀائيو آھي سدائين آمرن سان ٽڪر کائيندي شھادتون حاصل ڪيون آھن هنن چيو ته پ پ ضلع دادو ۾ مخالفن جو مڪمل صفايو ڪري ثابت ڪيو آھي ته پ پ جهموريت پسند پارٽي آھي . هنن چيو ته 7  نومبر تي جوهي ۾ ھڪ به پولنگ اسٽيشن تي پ پ مخالفن کي هڪ به ايجنٽ نه ملندو هر پولنگ اسٽيشن تان جوهي جي پورهيت عوام جي جذبي سان تير تي ٺپا لڳل ملندا. صالح شاهه چيو ته جوهي ۾ منهنجي ڪاميابي بعد پيئڻ جي پاڻي زرعي پاڻي روزگار جي فراهمي ۽ ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇايو ويندو. ياد رهي ته سنڌ اسمبلي جي هي سيٽ صالح شاهه جي والد سيد غلام شاهه جي وفات سبب خالي ٿي هئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو