اسلام آباد(بيورو)آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) ايل پي جي جي قيمت ۾ 15 رپيا في ڪلو گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي.اوگرا پاران ايل پي جي جي قيمت ۾ 232 رپيا في ڪلو گهٽتائي ڪئي وئي آهي.ايل پي جي ايسوسي ايشن جي چيئرمين عرفان کوکر چيو ته سندس فارمولي تي عمل ڪندي ايل پي جي جي موجوده سرڪاري قيمت ۾ 100 رپيا في ڪلو تائين گهٽتائي ٿي سگهي ٿي.عرفان کوکر جو چوڻ آهي ته ايل پي جي پيدا ڪندڙ جي بنيادي قيمت 40 هزار رپيا في ميٽرڪ ٽين مقرر ڪئي وئي آهي، جيڪڏهن ايل پي جي جي مقامي پيداوار کي فوري طور وڌايو وڃي ته ان جي قيمت ۾ وڌيڪ گهٽتائي ٿي سگهي ٿي.










