عوام جو تعاون جاري رهيو ته ڪورونا تي ضابطو اچي ويندو،مراد شاهه

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڏ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته صوبي ۾ ڪورونا ڪيسز گهٽ ٿي رهيا آهن، جيڪڏهن هي تعاون جاري رهيو ته اسان جلد صورتحال تي قابو آڻي وٺنداسين ۽ پابنديون اڃا برقرار رهنديون، وڏي وزير جي صدارت هيٺ صوبائي ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزيرن، چيف سيڪريٽري سنڌ، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ وڏي وزير کي آگاهي ڏني وئي ته 22043 ٽيسٽ ڪيا ويا جيڪو هڪ رڪارڊ آهي، ٽيسٽ جي نتيجي ۾ 1293 ڪيسز مثبت آيا، جنهن جي شرح 5.9 سيڪڙو آهي، سختي ڪرڻ سان ڪيسز جي شرح ۾ ڪمي ٿي آهي، ان تي وڏي وزير چيو آهي ته عوام اهڙي طرح تعاون جاري رکيو ته اسان جلد ڪورونا پکيڙ کي روڪي سگهنداسين، ڪالهه 24 فوتگيون ٿيون آهن جيڪا پريشاني واري ڳالهه آهي، ڪراچي ۾ ڪيسز جي شرح 8.34، حيدرآباد ۾ 4.42 ۽ ٻين ضلعن ۾ 3.3 سيڪڙو آهي، وڏي وزير چيو ته 20 مئي تي ڪراچي ۾ 12.86 سيڪڙو ۽ حيدرآباد ۾ 11 سيڪڙو هئي، عيد کانپوءِ ڪيسز ۾ اضافو ٿيو، صرف مئي ۾ 307 ماڻهو فوت ٿي ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو