ڪراچي/ مٽياري/هالا (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير محمد حسين محنتي چيو آهي ته سنڌ سميت ملڪ ۾ مهانگائي جي طوفان کان وٺي ڊالر جي اونچي اُڏام جو ڪارڻ عوام جو ايماندار قيادت بدران ڪرپٽ ۽ نااهل ماڻهن کي اقتدار ۾ آڻڻ آهي،24 جولاءِ تي عوام مڪاني چونڊن ۾ مخلص قيادت جي چونڊ ڪري جيڪو انهن جي دردن جو درمان ڪري سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مٽياري، هالا ۾ مڪاني چونڊن جي سلسلي ۾ رٿيل گڏجاڻين کي خطاب دوران ڪيو. سنڌ جي امير درگاه سرهندي مٽياري شريف جي سجاده نشين پير غلام مجدد سرهندي،هالا ۾ جي ڊي اي اڳواڻ نصير ميمڻ جڏهن ته ڀاڻوٺ ۾ (ن) ليگ اڳواڻ سيد زمان شاه سان پڻ ملاقات ڪئي جنهن ۾ مڪاني چونڊن، سنڌ جي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي مامرن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. سيد زمان شاه ساهمي جي نشان تي وڙهندڙ جماعت اسلامي جي مقامي ڪونسلر جي اميدوار جي حمايت جو پڻ اعلان ڪيو. محمد حسين محنتي مٽياري جي وارڊ نمبر02 تي جماعت اسلامي جي نامزد اُميدوار پير علي شير سرهندي جي اليڪشن آفيس جو پڻ دورو ڪيو ۽ عوام کي ساهمي جي نشان تي ٺپو هڻي پير علي شير سرهندي کي ڪامياب ڪرڻ جي اپيل ڪئي. ان موقعي تي سنڌ جو نائب امير ممتاز حسين سهتو، ضلعي امير فقير محمد لاکو ۽ اطلاعات سيڪريٽري مجاهد چنا سميت ٻيا مقامي اڳواڻ پڻ موجود هئا. هوڏانهن جماعت اسلامي سنڌ جي جنرل سيڪرٽري ڪاشف شيخ پنهنجي حقن لاء پرامن احتجاج ڪندڙ استادن مٿان بدترين تشدد ۽ لٺ بازي جي سخت مذمتڪندي چيو آهي ته جمهوريت جي نالي تي پ پ سرڪار انساني حقن توڙي آمريت جا سڀئي ليڪا لتاڙي ڇڏيا آهن.










