عوام جو اعتماد بحال رکڻ لاءِ ججن جو احتساب به ٿيڻ گهرجي، بنديال

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته عدليه تي عوام جو اعتماد بحال رکڻ لاءِ ججن جو احتساب ضروري آهي.ججن جي جوابدهي جو واحد فورم سپريم جڊيشل  ڪائونسل آهي. اهڙا ريمارڪس هن سپريم ڪورٽ جي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف صدارتي ريفرنس کي چيلينج ڪرڻ بابت درخواستن جي ٻڌڻي دوران ڏنا. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي وڪيل منير اي ملڪ چيو ته ڪنهن به جج خلاف صدر ريفرنس موڪلڻ کان اڳ مواد پاڻ گڏ ڪندو آهي جڏهن ته هن ڪيس ۾ اسيٽ ريڪوري يونٽ مواد غيرقانوني طور تي گڏ ڪيو آهي. جنهن تي 10 رڪني بينچ جي سربراهه عمر عطا بنديال چيو ته اهتساب سڀني جو ٿئي ٿو ۽ ججن جو به ٿيڻ گهرجي جيئن عدليه تي عوام جو قائم رهي. جنهن تي بينچ ۾ شامل جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته جج احتساب کان بالاتر ناهي، جج حلف کڻندو آهي، جنهن جي تقاضا مختلف آهي ۽ ججن جي احتساب جو معاملو هجي ته ان کي عام شهرين جي تناظر کان هٽي ڏسڻ گهرجي. عدالت ڪجهه دير ٻڌڻي جاري رکڻ بعد وڌيڪ ڪاروائي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو