اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي (سي سي پي اي) پاران سڄي ملڪ لاءِ بجلي 2 روپيا 52 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي درخواست نيپرا ۾ جمع ڪرائي وئي آهي.نيپرا جي پڌرنامي موجب سي سي پي اي درخواست جولاءِ جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڏني آهي، جنهن موجب جولاءِ ۾ پرڏيهي ايل اين جي مان في يونٽ بجلي 47 روپيا 37 پئسن ۾ ٺهي.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ايل اين جي مان 77 ارب 19 ڪروڙ روپين جي بجلي پيدا ڪئي وئي. ايل اين جي مان 10.78 سيڪڙو بجلي ٺاهي وئي، جڏهن ته جولاءِ ۾ فرنس آئل مان 1.42 سيڪڙو بجلي ٺهي، جنهن تي في يونٽ لاڳت 50 روپيا 7 پئسا رهي.سي سي پي اي جي درخواست موجب فرنس آئل مان 10 ارب 77 ڪروڙ روپين جي بجلي پيدا ڪئي وئي. پاڻيءَ مان 39.81 سيڪڙو، مقامي ڪوئلي مان 10.91 سيڪڙو ۽ پرڏيهي ڪوئلي مان 14.38 سيڪڙو بجلي ٺاهي وئي. نيوڪليئر ذريعن مان 10.10 سيڪڙو بجلي پيدا ڪئي وئي، جنهن تي في يونٽ فيول لاڳت 3 روپيا 2 پئسا رهي.نيپرا ۾ جمع ڪرايل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته جولاءِ ۾ ڊيزل مان به بجلي پيدا ڪئي وئي، جنهن مان 3 ڪروڙ 10 لک يونٽ بجلي ٺهي ۽ في يونٽ لاڳت 54 روپيا 47 پئسا رهي.نيپرا موجب سي سي پي اي جي درخواست تي ٻڌڻي 27 آگسٽ تي ٿيندي. منظوريءَ جي صورت ۾ واپرائيندڙن تي جي ايس ٽي سميت 41 ارب روپين جو اضافي بوجھ پوندو.










