اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) وفاقي حڪومت پاران مهانگائي ۽ ڪورونا سٽيل عوام تي ٻيهر پيٽرول بم ڪيرائڻ جون تياريون ڪيون پيون ويون، پهرين فيبروري کان پيٽرول 12 رپيا مهانگو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي، اوگرا سمري پيٽروليم ڊويزن ڏانهن اماڻي ڇڏي، سمري ۾ ڊيزل جي في لٽر تي 10 رپيا قيمت وڌائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. ياد رهي ته گذريل هفتي عالمي منڊي ۾ قيمت گهٽجڻ باوجود ان ۾ واڌ ڪئي وئي هئي. حڪومت وڌيڪ واڌ جي سمري ٺهرائي پوءِ گهٽ واڌ ڪري اهو تاثر ڏيندي آهي ته وزيراعظم کي وڏو عوام جو احساس آهي هن ڳري واڌ رد ڪري ڇڏي آهي.










