ڊگهڙي (سيد بشير شاھ) 27ڊسمبر تي عوامي سمنڊ راولپنڊي پهچي شھيد راڻي کي خراج تحسين پيش ڪندو، ڪٽ پتلي حڪومت عوامي راڄ جو رستو روڪڻ ۾ ناڪام وئي آھي اسانجي قيادت اڄ به سرخرو آھي. اهڙن خيالن جو اظھار پ پ ايم پي اي ميرطارق خان ٽالپر پنهنجي رهائشگاھ تي ڪارڪنن جي ميڙ کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته 27 ڊسمبر تاريخ جو ڪارو ڏينهن آھي ان ڏينهن تي ڪروڙين دلين تي راڄ ڪندڙ دنيا جي پهرين مسلمان عورت وزيراعظم بينظير ڀٽو کي شھيد ڪري عوام کان سندن ليڊر جسماني طور تي ته کسيو ويو پر سندس نظريي تي اڄ به پ پ قيادت ڪارڪن ۽ ورڪر عمل ڪندي عوام جي خدمت ڪري رهيا آھن. هن چيو ته ماضي جيان اڄ به قيادت تي ڪوڙا ڪيس مڙھي کين جيل اماڻي عوام جي آواز کي دٻائڻ ۽ هيسائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر اسانجي قيادت جا حوصلا اڄ به بلند آھن هنن جيل جون سختيون ته برداشت ڪيون پر هار نه مڃي وفاقي حڪومت پنهنجي نااهلي جي ڪري ملڪ کي وڏو نقصان پهچايو آھي انهي حڪومت کي عوام 27 ڊسمبر راولپنڊي پهچي گهر موڪلڻ جو اعلان ڪندي ۽ شھيد راڻي کي خراج تحسين پيش ڪندي. ان موقعي تي پ پ تعلقي ڊگهڙي جو جنرل سيڪريٽري زنو خان نوحاڻي، نويد بلوچ، مختيار احمد چيليو، ڪانتيش ڪمار درزي ۽ ٻيا ڪارڪن وڏي انگ ۾ موجود هئا.










