عوامي رد عمل بعد ڪارونجهر جي ليز جو ٽينڊر رد

عوامي رد عمل بعد ڪارونجهر جي ليز جو ٽينڊر رد

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) تعليم ۽ ثقافت واري سنڌ جي وزير سيد سردار علي شاهه چيو آهي ته ڪارونجھر جبل سان اسان جو اخلاقي، ثقافتي ۽ جذباتي رشتو آھي. منهنجي قيادت پنهنجي تشخص کي ڪڏهن به متاثر ٿيڻ نه ڏيندي، ڪارونجهر رڳو پٿرن جو جبل ناهي، پر اسان جو ڳاٽ آهي، جنهن کي ڪڏهن به جھڪڻ نه ڏنو ويندو. ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو آهي ته ڪارونجهر جبل جي ڪجهه حصن جي ليز تي ڏيڻ واري معاملي جو نوٽيس وٺندي پ پ قيادت ٽينڊر رد ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن.


ياد رهي ته کاڻين واري کاتي جي وزير مير شبير علي بجاراڻي چيو هو ته ڪارونجهر جبل جي پاسي وارو ڪجهه علائقو معدنيات ڪڍڻ لاءِ ليز تي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جنهن تي سنڌ جي سڀني قومپرست پارٽين ۽ سول سوسائٽي سخت رد عمل ظاهر ڪندي احتجاج جو اعلان ڪيو هو. جنهن بعد حڪومت ٽينڊر رد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

Notification

پهنجو تبصرو موڪليو