عوامي تحريڪ جوپاڻي کوٽ خلاف احتجاج،روڊ بلاڪ

عوامي تحريڪ جوپاڻي کوٽ خلاف احتجاج،روڊ بلاڪ

باڊھ (ن سنڌيار)باڊھ سموري سنڌ جيان باڊھ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف وطن دوست مزدور فيڊريشن پاران جاويد احمد جوڻيجو صدرالدين مسڻ غلام مرتضيٰ ۽ امتياز مسڻ جي اڳواڻي ۾ شهر جي مک چونڪ حيدر چونڪ کان پريس ڪلب باڊھ تائين احتجاجي مظاهرو ڪندي سخت نعريبازي ڪئي وئي, ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ فصلن جي پوکائي جو وقت ايندي ئي وفاق سنڌ سان ماٽيلي ماءۡ وارو سلوڪ اختيار ڪندي سنڌ جي حصي جو پاڻي پنجاب کي ڏئي سنڌ جو معاشي قتل عام ڪري رهيو آهي، هنن چيو ته وفاق جي اشارن تي هلندڙ ارسا جي اهڙي غير منصفاڻي روش سبب سنڌ جي زرعي زمين بنجر ٿي رهي آهي ۽ سنڌ جي واهن ۽ شاخن مان واري اڏامي رهي آهي، ھنن وڌيڪ چيو ته رائيس ڪئنال تي هزارين ايڪڙ زمين لاءِ صرف ساريالي فصل لاءِ ئي پاڻي ڏنو وڃي ٿو جيڪو به ٽائيم سان نه ملڻ ڪري ساريالي فصل جي ٻيجاري جي وقت گهڻو پوئتي پئجي ويو آهي جنھن سبب فصل کي ڪاپاري ڌڪ لڳڻ جو ظاهري طرح امڪان آهي هنن مطالبو ڪيو ته ارسا پنهجو قبلو درست ڪري ۽ سنڌ کي 1991ع ٺاھ تحت پنهنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو