عملي جي ملي ڀڳت، واهن جي ڪپرن جي مٽي کڻڻ جو سلسلو جاري، گهارن جو خطرو

سلطانپور(رپورٽ زاهد مهر) قاضي واھ، ٺٺ مائنر، ڏنگڙو مائنر۽ لٺ مائنر سميت ڪيترن ئي واهن مان غيرقانوني طور مٽيءَ کڻڻ جو سلسلو جاري آهي. بااثرن پاران واهن جي ڪپرن تان کنيل مٽي پنهنجي زمينن، گهرن جي اڱڻن توڙي روڊ رستن تي اڇلائي پنهنجي زمينن کي سرسبز ڪرڻ سان گڏوگڏ واهن جي ڪپرن کي پڻ ڪمزور ڪري نقصان رسايو پيو وڃي. جنهن جي ڪري پاڻيءَ جي موسم ۾ پاڻي اچڻ شرط وڏن گھارن پوڻ جو خدشو رهي ٿو، واهن تي موجود بيلدار، داروغا بااثرن سان ملي ڪري انهن کان جيب خرچي وٺي انهيءَ عمل ۾ ڀاڱي ڀائيوار بڻيل آهن. جنهن جي ڪري هو آسانيءَ سان مٽيءَ کڻائن پيا، انهيء عمل تي آبپاشي عملو اگهور ننڊ ستل آهي ۽ ڪارروائي ڪرڻ کان لاچار بڻيل آهي. هتان جي سياسي سماجي اڳواڻن توڙي آبادگارن آبپاشي کاتي جي وزير کان واهن جي اجڙندڙ حالت جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ بااثرن خلاف ڪارروائي جي گهر پڻ ڪئي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو