رياض(ويب ڊيسڪ)عمره زائرين لاءِ خوشخبري آهي، سعودي عرب عمره زائرين کي ٽن مهينن تائين سعودي عرب ۾ رهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.تاشقند ۾ ڳالهائيندي سعودي حج واري وزير چيو ته نسخ پليٽ فارم ذريعي آن لائن عمري ۽ زيارت جي ويزا جاري ڪرڻ کي آسان بڻايو ويو آهي.هن چيو ته اڳ عمري ويزا جو مدو هڪ مهينو هو. هاڻي دنيا جي ڪنهن به ملڪ مان آيل عمره زائرين کي سعودي عرب ۾ ٽن مهينن تائين رهڻ جي سهولت ڏني وئي آهي.










