اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن ۾ پي ٽي آءِ قيادت خلاف توهين عدالت واري درخواست اڪلائي ڇڏي آهي.چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال عمران خان، فواد چوڌري ۽ اسد عمر خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران اليڪشن ڪميشن جا وڪيل به عدالت ۾ پيش ٿيا.اليڪشن ڪميشن جي وڪيل پنهنجي دليلن ۾ چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ جوابدارن خلاف انضباطي ڪارروائي روڪي ڇڏي آهي، جنهن تي جسٽس عائشه صديقه چيو ته توهين عدالت جي ڪارروائي تڏهن ٿيندي جڏهن اليڪشن ڪميشن جي توهين عدالت جي ڪارروائي مڪمل ٿيندي.اليڪشن ڪميشن جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته اليڪشن ايڪٽ جو سيڪشن 10 اليڪشن ڪميشن کي توهين عدالت جي ڪارروائي جي اجازت ڏئي ٿو، عمران خان، اسد عمر ۽ فواد چوڌري اليڪشن ڪميشن آڏو پيش نه ٿي رهيا آهن.عدالت چيو ته ڪنهن به هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي ڪارروائي کان نه روڪيو آهي، اليڪشن ڪميشن آڪٽوبر کان پاڻمرادو توهين عدالت جي ڪارروائي روڪي ڇڏي آهي.چيف جسٽس آف پاڪستان پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته اليڪشن ڪميشن کي آئين تحت ڪارروائي ڪرڻ جو اختيار آهي.بعد ۾ عدالت توهين عدالت ڪيس ۾ پي ٽي آءِ قيادت خلاف درخواستون اڪلائي ڇڏيون ۽ چيو ته توهين عدالت جي ڪارروائي جاري رهندي.عدالت چيو ته هاءِ ڪورٽون پي ٽي آءِ جي توهين اليڪشن ڪميشن جي درخواستن تي جلد فيصلو ڪن، پي ٽي آءِ قيادت خلاف توهين عدالت جو حڪم اليڪشن ڪميشن جي ڪارروائي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ڏنو ويندو.










