اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جي ترجمان حافظ حمدالله چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ۽ اڳوڻي آرمي چيف جنرل رٽائرڊ قمر جاويد باجوا جي غلطين پاڪستان کي ناقابل تلافي نقصان پهچايو آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ حافظ حمدالله چيو ته ليفٽيننٽ جنرل (ر) قمر جاويد باجوا حڪومت ۾ هجڻ ۾ عمران خان جي غلطي هئي ۽ جنرل باجوه کي ملازمت ۾ واڌ ڏيڻ عمران خان جي غلطي هئي، سندن ٻنهي غلطين پاڪستان کي ناقابل تلافي نقصان پهچايو.پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان تي تنقيد ڪندي هن وڌيڪ چيو ته اڄ توهان پنهنجي محسن تي ڊبل گيم جا الزام لڳائي رهيا آهيو، بنا ڪنهن شرم ۽ حيا جي،پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي ۽ سندس پٽ مونس الاهي جي تازن بيانن تي تبصرو ڪندي حافظ حمدالله چيو ته جنرل باجوه جي معاملي ۾ پيءُ، پٽ ۽ عمران خان هڪ پيج تي نه آهن، ٽرائيڪا ٻڌائي ته سچ ڇا آهي ۽ ڇا ڪوڙ آهي. پي ٽي ايم جي ترجمان چيو ته پيءُ پٽ واضح ڪن ته جنرل (ر) باجوه جي معاملي ۾ اهي عمران خان سان آهن يا باجوه سان. چوڌري پرويز الاهي وڪيٽ جي ٻنهي پاسن کيڏڻ جو ماهر آهي.










