لاهور: (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ(ق) جي اڳواڻ ۽ پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته عمران خان کي گرفتار ڪرڻ جو خواب ڏسندڙ پنهنجي حڪومت جي فڪر ڪن. پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ۽(ق) ليگ جي اڳواڻ چوڌري پرويز الاهي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته خواب ڏسڻ تي ڪابه پابندي ناهي. عمران خان کي گرفتار ڪرڻ جو خواب ڏسندڙ پنهنجي حڪومت جي فڪر ڪن، حڪومت اڄ يا سڀاڻي ڪري پوندي. چوڌري پرويز الاهي چيو ته حقيقي آزادي لانگ مارچ جون تياريون جاري آهن. حڪمران عمران خان کان ڊنل آهن، جنهن سبب هو هر غير قانوني ڪم ڪري رهيا آهن جنهن سان لانگ مارچ کي روڪي سگهجي.مان کين ٻڌائي ڇڏيان ته اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ سان تيارين ۾ ڪوبه فرق نه پوندو. عوام ڏوراپا ڏئي رهيو آهي ته جيڪڏهن حڪومت نٿا سنڀالي سگهو ته آيا ڇو آهيو، عوام سان گڏوگڏ آءِ ايم ايف کي به عارضي حڪومت تي ڀروسو ناهي. پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته حڪومت طرفان مهانگائي بم جي ٻئي قسط جون ۾ ايندي، عمران خان روس سان 30 سيڪڙو سستي تيل جو معاهدو ڪيو هو. جيڪڏهن ان تي عمل ڪيو وڃي ها ته اڄ ڊالر آسمان سان ڳالهيون نه ڪري ها، مهانگائي سبب ملڪ جي معيشت تباهه ٿي چڪي آهي.










