عمران کي خبر ناهي ته جيل ۾ رهڻ ڪيترو ڏکيو هوندو آهي:رانا ثناءُ الله

عمران کي خبر ناهي ته جيل ۾ رهڻ ڪيترو ڏکيو هوندو آهي:رانا ثناءُ الله

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)عمران خان جي جيل ڀريو تحريڪ جي اعلان تي تبصرو ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو ته سندس حڪمت عمليون ناڪام ٿي چڪيون آهن، عمران خان کي خبر ناهي ته جيل ۾ رهڻ ڪيترو ڏکيو هوندو آهي.نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته هن پنهنجي سياسي زندگي ۾ رڳو هڪ ڏينهن جيل ۾ گذاريو آهي، عمران خان جو مقصد سياسي افراتفري آهي ۽ هو ان ۾ ناڪام ٿيندو.وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته اي پي سي ۾ سمورين پارٽين جي شرڪت لاءِ 2 ڏينهن جي واڌ ڪئي وئي آهي. راڻا ثناءُ الله چيو ته هي قومي مسئلو آهي ۽ سڀني پارٽين کي ان جو حل ڳولڻو پوندو.هن چيو ته اي پي سي ۾ اتفاق راءِ کانپوءِ حڪومت دهشتگردن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو