توشه خانو ڪيس، عدالتي ڪاروائي ٽي وي تي ڏيکاريو، خان

توشه خانو ڪيس، عدالتي ڪاروائي ٽي وي تي ڏيکاريو، خان

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) چيئرمين عمران خان توشه خاني ڪيس ٽي وي تي ٻڌڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.زمان پارڪ ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي پارٽي اڳواڻن کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته مان ڪنهن جي اڳيان نه جهڪي رهيو آهيان ۽ نه ئي توهان کي جهڪڻ ڏيندس، اڄ عوام کي قوم ٿيندي ڏسي رهيو آهيان، اڄ پاڪستان لاءِ بدترين وقت آهي، معيشت ٻڏي وئي عمران خان مطالبو ڪيو ته منهنجو توشه خانو ڪيس ٽي وي تي ٻڌو وڃي، مان اڳوڻو وزيراعظم آهيان ۽ مون کي قتل ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي ، منهنجي جان کي خطرو آهي، منهنجو وڪيل چيف جسٽس کي خط لکندو، مون کي عدالتن ۾ چڪر پيو هڻايو وڃي، هو مون کي مارائڻ چاهين ٿا، ڪا به سيڪيورٽي ناهي، مضحڪه خيز ڪيسن تي مون کي گهرايو پيو وڃي، چيف جسٽس کي لکندس جيڪو ذميوار هوندو، هو بار بار مون کي جعلي ڪيسن تي سڏي رهيا آهن. چيئرمين پي ٽي آءِ چيو ته لنڊن ۾ ويٺو اهو فيصلو ڪري رهيو آهي ته آرمي چيف ڪير ٿيندو، عمران خان انهن چورن تي ڪيس نه ٺاهي جيڪي مٿي ويٺا آهن، ن ليگ جي دور ۾ اسحاق ڊار ۽ نواز شريف جا پٽ ڀڄي ويا، مريم نواز جو ڀاءُ ٽي وي تي اعتراف ڪيو الحمدلله هي فليٽ اسان جا آهن، اڄ مريم نواز ملڪ ۾ راڻي ايلزبيٿ وانگر گهمي رهي آهي.هن چيو ته شهباز شريف 16 ارب رپين جي چوري ڪيس ۾ سزا ٿيڻ وارو آهي، جنرل (ر) باجوه کيس بچايو ۽ وزيراعظم بڻايو، ڪو به ڏوهه ناهي جيڪو گهرو وزير نه ڪيو آهي، سندس ئي وزير چوي ٿو. گهرو وزير 18 قتل ڪيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو