عمران نيازي ڊرامو بند ڪريو: ن ليگ پيپلزپارٽي جو گڏيل بيان

عمران نيازي ڊرامو بند ڪريو: ن ليگ پيپلزپارٽي جو گڏيل بيان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پيپلزپارٽي ۽ (ن) ليگ واضح ڪيو آهي ته عمران نيازي ڊرامو بند ڪريو همت آهي ته تاريخ ڏيڻ بدران مارچ جو اعلان ڪريو عمران نيازي بني گالا جو چيف آف اسٽاف ته لڳائي سگهي ٿو آرمي چيف مقرر ڪرڻ جو سندس خواب ئي رهندو عمران نيازي پنهنجو وقت وساري ويٺو اپوزيشن قيادت ۽ اڳواڻن سان ڇا ڇا ڪيو هاڻي پنهنجو وقت آيو ته رڙيون ٻڌجي رهيون آهن عمران نيازي آخري بال تائين کيڏو روئڻ ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ بند ڪريو اهڙن خيالن جو اظهار پ پ جي اڳواڻ سينيٽر پلوشا خان ۽ (ن) ليگ جي اڳواڻ سينيٽر افنان الله خان گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو سينيٽر پلوشا خان چيو ته ڪارساز سانحي کي 15 سال ٿي چڪا آهن شهيدن کي سلام پيش ڪيون ٿاجن جمهوريت لاءِ قرباني ڏني هن چيو ته ملڪ هن وقت هڪ فساد ۽ فتني جي ٽڪر ۾ آهي هن چيو ته ملڪ ۾ هڪ ناپاڪ سازش تحت عمران نيازي ادارن ۽ مخصوص مقررن کي تڪراري بنائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته عمران نيازي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري تي تنقيد ڪري پنهنجو قد وڌائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو آهي پلوشا خان چيو ته اڳوڻو صدر آصف علي زرداري جمهوريت جي بقا جي علامت آهي عمران نيازي جي اصليت قوم جي سامهون اچي چڪي اهي عن چيو ته عمران نيازي ڊرامو بند ڪريو همت آهي ته تاريخو ڏيڻ بدران مارچ جو اعلان ڪريو سينيٽر افنان الله خان چيو ته عمران نيازي تسلسل سان ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي عمران نيازي جي دور ۾ اپوزيشن 80 سيڪڙو ضمني چونڊون کٽيون آهن هن چيو ته عمران نيازي کان جڏهن اسان مطالبو ڪيو ته اسيمبليو ٽوڙيو ان وقت ڇوندو هو ته آخري بال تي کيڏندس هاڻي عمران نيازي آخري بال تائين کيڏو منهن مٿو پٽڻ ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ بند ڪريو ڀاشن ڏيڻ بند ڪريو.

پهنجو تبصرو موڪليو