لنڊن (ويب ڊيسڪ)پي سي بي ڏکڻ آفريڪا جي عمران طاهر ۽ نيوزيلينڊ جي ڪولن منرو کي پاڪستان جونيئر ليگ (پي جي ايل) ٽيمن لاءِ مينٽر مقرر ڪري ڇڏيو آهي. پي سي بي ذريعن موجب پاڪستان جونيئر ليگ جو پهريون ايڊيشن 4 کان 17 آڪٽوبر تائين لاهور ۾ کيڏيو ويندو.پاڪستاني ڄائو ڏکڻ آفريڪي ڪرڪيٽر عمران طاهر جو چوڻ آهي ته لاهور منهنجو آبائي شهر آهي، واپسي تي تمام گهڻو خوش آهيان. نوجوان اسپنرن کي سپورٽ ڪرڻ جو سٺو موقعو هوندو.نيوزيلينڊ جو ڪولن منرو پي جي ايل جي پهرين ايڊيشن جو حصو بڻجڻ تي پرجوش آهي. هن چيو ته ايونٽ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ۾ گيم چينجر ثابت ٿيندو.










