اسلام آباد(بيورو)سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته خيرات جي رقم پارٽي سياست لاءِ استعمال ڪرڻ جو جواب ڏي.مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان ملڪي معيشت ۽ سلامتي کي ڪمزور ڪيو، پاڪستان کي سڀ کان وڏو خطرو عمران خان ۽ پرڏيهي فنڊنگ آهي.هن چيو ته آمريڪا کان فنڊنگ وٺڻ وارا ملڪي سلامتي جا ٺيڪيدار نه بڻجن، ملڪ ۾ طاقت ڪمزور آهي، ڪشمير معاملو ۽ پرڏيهي فنڊنگ ڏيندڙ خوش آهن.










