ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ماحولياتي تبديلي بابت وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته عمران خان پارٽي اندر آواز اٿڻ کان پوءِ به 9 مئي جي واقعن جي چٽن لفظن ۾ مذمت ناهي ڪئي. سڀ ڄاڻن ٿا ته ڪير مذمت ڪري رهيو آهي ڪير ان کي ڪاميابي سمجهي ٿو پي ٽي آئي ۽ ادارن جي خلاف ڪوئي سازش ڪري رهيو آهي ته اهو عمران خان پاڻ آهي سندس انتشار واري سياست آهي شيري رحمان چيو ته سڄي ملڪ ۾ هڪ ئي ماڻهو آهي جيڪو 9 مئي جي حملن جي مذمت نٿوڪري هن چيو ته هاڻي چوي ٿو ته پاڪ فوج کي تحريڪ انصاف جي خلاف اٿارڻ جي سازش ملڪ جا ٽڪڙا ڪري سگهي ٿي شيري رحمان چيو ته ان کي 9 مئي جي واقعن تي ڪائي شرمساري ۽ احساس ٿئي ها ته ملڪ جا ٽڪرا ٿيڻ جي ڳالهه نه ڪري ها هن چيو ته تشدد واري سياسي ڌمڪي وارو لهجو، بيان ۽ الزامن جو ذميوار ٻيو ڪوئي نه پر هو پاڻ آهي.










