عمران خان ۽ آمريڪي سفير وچ ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه ۾ صداقت ناهي:پي ٽي آئي

عمران خان ۽ آمريڪي سفير وچ ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه ۾ صداقت ناهي:پي ٽي آئي

اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف عمران خان ۽ آمريڪي سفير وچ ۾ ڪنهن به قسم جي ٽيليفون يا وڊيو لنڪ رابطي جي ترديد ڪري ڇڏي آهي. پارٽي جي سينيئر اڳواڻ ڊاڪٽر شيرين مزاري پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته عمران خان جي آمريڪي سفير بلوم سان ٽيليفون يا وڊيو لنڪ ذريعي ڪيل ڳالهه ٻولهه ۾ ڪا به صداقت ناهي. هي عمران خان خلاف هڪ منصوبابنديءَ واري مهم جو حصو آهي، جيڪا هڪ درآمد ٿيل حڪومت طرفان آهي، جيڪا هن کان سياسي طور خوفزده آهي. اسان کي اميد آهي ته اهڙيون ڪيتريون ئي غلط دعوائون ۽ ”ثبوت“ اچڻ جي اميد ڪريون ٿا

پهنجو تبصرو موڪليو