اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي چيئرمين عمران خان جي گرفتاري کان روڪڻ جي حڪم ۾ 31 مئي تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ عمران خان خلاف 100 کان وڌيڪ ڪيسن ۾ گرفتاري روڪڻ واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي.ايڊيشنل اٽارني جنرل، ايڊووڪيٽ جنرل ۽ رياستي وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا، عمران خان طرفان وڪيل بئريسٽر گوهر عدالت ۾ پيش ٿيا.وفاقي حڪومت ڪيسن جا تفصيل فراهم ڪرڻ لاءِ مهلت طلب ڪئي، جنهن کي عدالت منظور ڪندي ٻڌڻي 31 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.عدالت عمران خان کي وڌيڪ ڪنهن به ڪيس ۾ گرفتار ڪرڻ کان روڪڻ جي حڪم ۾ 31 مئي تائين واڌ ڪري ڇڏي.










