عمران خان قومي سلامتي لاءِ خطرو قرار

عمران خان قومي سلامتي لاءِ خطرو قرار

اسلام آباد(بيورو)بچاءَ واري وزير خواجا آصف عمران خان کي قومي سلامتي لاءِ خطرو قرار ڏيندي چيو آهي ته چيئرمين تحريڪ انصاف فوج ۾ مقرري جي طريقيڪار کي تڪراري بڻائي رهيو آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خواجا آصف چيو ته جڏهن ادارو ۽ ان جي قيادت غير جانبدار هجي، حلف جي پاسداري ڪندي هجي ته پوءِ انهن جو احترام ڪرڻ گهرجي.هن چيو ته عمران خان فوج ۾ مقررين جي طريقيڪار کي تڪراري بڻائي رهيو آهي، عمران خان پنهنجي دور ۾ ڪيل ڪيترين ئي مقررين کي سياست جو موضوع بڻائي ڇڏيو آهي، پر سياستدانن کي سياسي ميدان ۾ سياسي ويڙهه کي منهن ڏيڻو پوندو.هن چيو ته ڀارت شروع کان ئي اسان جي معيشت ۽ دفاع تي حملا ڪندو رهيو آهي، هاڻي عمران خان مسلسل ملڪي معيشت ۽ دفاع تي حملا ڪري رهيو آهي، عمران خان ملڪ ۾ انتشار چاهي ٿو. خواجا آصف چيو ته هي شخص ملڪ جي سلامتي لاءِ خطرو بڻجي ويو آهي، ايندڙ وقت ۾ عمران خان خلاف ڊگهي قانوني ڪارروائي ٿيندي، هو عمران خان سان ڪو به غير قانوني ڪم نه ڪندو، بدترين سياسي مخالفن خلاف به آئين جي بالادستي ٿيندي. ۽ قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.بچاءَ واري وزير چيو ته عمران خان پاڪ فوج جي قيادت جي ماڻهن کي نشانو بڻايو ۽ شڪ پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پاڪ فوج جو ڪم سرحدن ۽ هن سرزمين جي عوام کي محفوظ بڻائڻ آهي، فوج جو ڪم ناهي ته هو ملڪ کي سيڪيورٽي فراهم ڪري. سياسي ليڊر جيڪڏهن ائين ڪن ته اهو حلف جي ڀڃڪڙي آهي.وفاقي وزير چيو ته فوجي قيادت بابت عمران خان جي بيان خلاف ڪارروائي لاءِ قانوني ماهر سمورن رخن جو جائزو وٺندا. بچاءَ واري وزير چيو ته آرمي چيف جي مقرري واري معاملي کي عوامي بحث جو حصو نه بڻايو وڃي، پاڪ فوج يا آرمي چيف جو مشورو پهرين ترجيح هوندي.

پهنجو تبصرو موڪليو