اسلام آباد(بيورو)پاڪستان تحريڪ انصاف جي انٽرا پارٽي چونڊن ۾ عمران خان بنا مقابلي پارٽي جو چيئرمين چونڊجي ويو. بيان موجب ٻين ٻن پينلن جي اميدوارن عمران خان جي حق ۾ اليڪشن تان دستبردار ٿيڻ جو اعلان ڪيو جنهن بعد هو بنا مقابلي پارٽي جو چيئرمين چونڊجي ويو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پينل مان هڪ جو سربراهه عمر سرفراز چيما ۽ ٻئي جو سربراهه نائيڪ محمد هو. پڌرائي موجب شاهه محمود قريشي وائيس چيئرمين ۽ اسد عمر کي مرڪزي سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو.










