اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سڌسماءَ بابت وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان ننڍي اليڪشن اندر پنهنجي ئي 8 سيٽن مان ٻن سيٽن تي هارائي ويٺو هاڻي ملڪ ۾ انتشار، سياسي عدم استحڪام ۽ افراتفري مچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي کٽڻ جو مطلب اهو نه آهي ته وفاق تي چڙهائي ڪرڻ جو لائسنس ملي ويو هجي عمران خان کي آرمي چيف جي مقرري تي تڪليف آهي عمران نيازي کي اعظم سواتي سان ٿيندڙ ورتاءُ تي ڳڻتي اهي عمران پنهنجي چئن سالن ۾ ڇا ڪيو، خواجه آصف، سعد رفيق، سلمان رفيق، شاهد خاقان عباسي، مفتاح اسماعيل، حنيف عباسي، حمزه شهباز کي گرفتار ڪيو ماڻهن جي ڀينرن ۽ ڌيئرن کي کين والدين جي سامهون هٿڪڙيون هنيون ان وقت هيومن رائٽس جون فتوائون ڪٿي هيون عمران نيازي جي چوڻ تي پاڪ فوج جي خلاف مهم هلائي وئي پاڪ فوج اندر بغاوت وجهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته فارن فنڊڊ فتنو عمران خان جي گفتگو ٻڌڻ کان پوءِ يقين ٿي ويو ته هو سياسي انزائمر جي مرض ۾ مبتلا آهي، عمران خان 4 سال پاڪستان جي عوام تي مڙهيل رهيو پنهنجي چئن سالن جي حڪومتي دور ۾ عمران خان ملڪ جو معاشي قتل ڪيو عمران خان ڪشمير جو سوڌو ڪري ڇڏيو هن چيو ته عمران خان اقتدار جي لالچ ۾ انڌو ٿي چڪو آهي. هن چيو ته عمران خان کي آرمي چيف جي مقرري تي تڪليف آهي عمران خان 75 سالن ۾ ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو قرض ورتو عمران خان ملڪي قرضن کي 45 هزار ارب تائين پهچايو هن چيو ته 75 سالن جي تاريخ ۾ سمورين حڪومتن ايڏو قرض نه ورتو جيترو عمران خان ورتو آهي عمران خان دوست ملڪن کي ناراض ڪيو هر هنڌ پنڻ ويو ملڪ کي قرضي ڪيو.










