لاهور: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جو چيئرمين عمران خان پنجاب ڪابينه ۾ واڌ کان لاعلم نڪتو، جڏهن ته سندس پارٽي جو خيال ڪاسترو وزير به بڻجي ويو.پنجاب حڪومت ڪابينه ۾ واڌ ڪري ڇڏي ۽ تحريڪ انصاف جي خيال احمد ڪاسترو صوبائي وزير جي حيثيت سان حلف کڻي ورتو. حلف برداري جي تقريب گورنر هائوس لاهور ۾ ٿي جنهن ۾ پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي به شرڪت ڪئي. پنجاب جي گورنر محمد بليغ الرحمان خيال احمد ڪاسترو کان صوبائي وزير جو حلف ورتو. ان موقعي تي چيف سيڪريٽري محمد عبدالله خان سنبل، صوبائي وزير بشارت احمد راجا، مختلف کاتن جا سيڪريٽريز ۽ صوبائي اسيمبلين جا ميمبر پڻ موجود هئا.هوڏانهن زمان پارڪ ۾ سينئر اڳواڻ اعتراض ڪيو ته اڄ ڪابينه ۾ واڌ ٿي آهي ائين نه ٿيڻ گهرجي ها. جڏهن ته عمران خان خيال ڪاسترو جي وزير بنجڻ تي لاعلمي جو اطهار ڪندي چيو ته مون کي خبر به ناهي ته اوهان وزير بڻجي رهيا آهيون مون ته سمجهو ته ڪنهن کاتي جي سربراهي ڏيڻي آهي. ٺيڪ آهي ڪا ڳالهه ناهي پر اوهان جي وزير بنجڻ سان اسان جي بيانيي کي نقصان پهتو.










