ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان پيپلز پارٽي ڪراچي جي صدر سعيد غني چيو آهي ته عمران خان ٻاهرين ايجنڊا تي عمل ڪري رهيو آهي.ميڊيا سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته ان حوالي سان عمران خان جي ڀائٽي ۽ ياسمين راشد جون وڊيوز موجود آهن.سندس چوڻ هو ته هڪ شخص ملڪ جي ادارن خلاف ڳالهائي رهيو آهي، حملو ڪري رهيو آهي، حملي آورن جي سڃاڻپ به ٿي چڪي آهي، حملي جون اڪثر وڊيوز حملي آورن ٺاهيون، جيڪي سندن گلا ٿي پيون.هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ جا سمورا ووٽر ۽ اڳواڻ ملڪ دشمن نه آهن، پارٽي ۾ ڪيترائي ماڻهو عمران خان جي پاليسيءَ کان مطمئن نه آهن ۽ پارٽي ڇڏي رهيا آهن، جيڪي عمران خان جي پارٽي ڇڏي انهن وٽ پيپلز پارٽي کانسواءِ ٻيو ڪو آپشن ناهي.سعيد غني چيو ته جيڪڏهن ڪو عمران سان گڏ نه ٿو وڃي ته انهن ماڻهن کي رستو ڏينداسين، هن وقت تائين پي ٽي آءِ ڪراچي جي ماڻهن اسان سان رابطو ناهي ڪيو پر جيڪڏهن ڪو اچڻ چاهي ٿو ته ڀليڪار ڪنداسين. عدالتن کي قانون موجب فيصلا ڪرڻ گهرجن، اسان اهڙو ماحول ماضي ۾ ناهي ڏٺو، هتي اسان کي ضمانت تي ضمانتون ملي رهيون آهن.هن چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ عمران خان جي وڪيلن مان لڳي ٿو ته دعا گهري آهي ۽ عمران خان جيڪا ڳالهه نه پڇي، اها به ملي رهي آهي.هن وڌيڪ چيو ته فوري ضمانت ملڻ سان دهشتگردن جا حوصلا بلند ٿيندا.پيپلز پارٽي جي اڳواڻ جو چوڻ آهي ته کوسا صاحب جو موقف سندس ذاتي آهي پارٽي جو ناهي.هن چيو ته مڪاني ادارن جون چونڊون گذريل سال جون ۾ ٿيون پر ميئر جي چونڊ جو شيڊول اڃا ناهي آيو.هن مطالبو ڪيو ته جلد کان جلد شيڊول جاري ڪيو وڃي.سعيد غني چيو ته جماعت اسلامي جو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، اسان جون کان ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن جي تياري ڪري رهيا هئاسين، برساتن سبب چونڊون ملتوي ڪيون ويون.هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جماعت اسلامي جا اهي ڪيس به ٻڌا جن جي آئين اجازت نٿو ڏئي.پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ريسٽورنٽ کي ڊاهڻ واري معاملي تي وضاحت ڪندي هن چيو ته جنهن ڏينهن خرم شير زمان جي ريسٽورنٽ کي سيل ڪيو ويو ان ڏينهن سڄي شهر ۾ ڪارروائي ڪئي وئي.










