واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان پاڻ کي بچائڻ لاءِ پنهنجي ڪارڪنن کي پوليس آڏو آندو آهي.آمريڪي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عمران خان سمجهي ٿو ته مٿس ملڪ جو ڪو قانون لاڳو نٿو ٿئي، کيس عدالتن ۾ سڏيو وڃي ٿو پر هو پيش نٿو ٿئي.پرڏيهي وزير چيو ته منهنجي خاندان ۽ پارٽي آمريت کي منهن ڏنو، عمران خان بار بار قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي جنهن جو کيس جواب ڏيڻو پوندو، عمران خان پنهنجي حفاظت لاءِ پوليس آڏو ڪارڪنن کي ڌمڪيون ڏنيون آهن.هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان معاشي، سياسي ۽ سڪيورٽي جهڙن چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي، پاڪستان کي اڳتي وڌڻ لاءِ ڊگهي مدي واري منصوبابندي ڪرڻي پوندي، اسان کي موسمياتي تبديلي، غربت، معاشي حالتن، افغانستان جي سلامتي بابت قدمن تي سوچڻو پوندو. علائقي جي ضرورت آهي.










